Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 22:14 - Sindhi Bible

14 تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن سڀني نوڪرن مان دائود جهڙو ايماندار ڪير آهي، جو بادشاهہ جو ناٺي آهي، ۽ تنهنجي درٻار ۾ شامل آهي، ۽ تنهنجي گهر ۾ عزت وارو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اوهان جي سڀني سالارن مان دائود جيڪو اوهان بادشاهہ جو ناٺي ۽ اوهان جي ذاتي محافظن جو سالار پڻ آهي، تنهن جهڙو ايماندار ڪير آهي؟ هو اوهان جي فرمانبرداريءَ لاءِ هر دم تيار ۽ اوهان جي محل ۾ عزت وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 22:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل جي ماڻهن چيو تہ اهو ماڻهو جو آيو آهي سو اوهان ڏٺو آهي؟ پڪ آهي تہ هو اسرائيل کي هاڪارڻ لاءِ آيو آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماري وجهندو انهي کي بادشاهہ وڏي دولت ڏيئي شاهوڪار ڪري ڇڏيندو، ۽ انهي کي پنهنجي ڌيءَ بہ پرڻائيندو، ۽ انهي جي پيءُ جي گهراڻي کي اسرائيل ۾ آزاد ڪندو.


تنهنڪري سائول هن کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هن کي هڪڙي هزار جو سردار کڻي ڪيو هئائين؛ ۽ هو ماڻهن جي روبرو ايندو ويندو هو.


تہ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اُٿيو، ۽ فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماريائين؛ ۽ دائود انهن جون کوليون کڻي آيو. ۽ هنن اُهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون، انهي لاءِ تہ هو بادشاهہ جو ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل هن کي پرڻائي ڏني.


۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڇو هن کي قتل ڪرڻ گهرجي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟


تڏهن دائود اخيملڪ ڪاهن کي چيو تہ بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ جنهن ڪم جي پٺيان آءٌ توکي موڪليان ٿو، ۽ جيڪو حڪم مون توکي ڏنو آهي، سو ٻئي ڪنهن کي متان ٻڌائين: ۽ جوان ماڻهن کي مون ٻئي پاسي مقرر ڪري ويهاريو آهي.


۽ سائول هن کي چيو تہ تو، ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي برخلاف ٻڌي ڪئي آهي، جو تو هن کي ماني ۽ ترار ڏني، ۽ هن جي لاءِ خدا کان سوال گهريو تہ هو منهنجي برخلاف کڙو ٿئي، ۽ لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ جو گناهہ معاف ڪر: ڇالاءِ جو پڪ آهي تہ خداوند منهنجي ڌڻيءَ جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندو؛ ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي خداوند جون جنگيون ٿو ڪري؛ ۽ تنهنجي ساري ڄمار جي ڏينهن ۾ توکي ڪابہ خرابي نہ رسندي.


۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ