1.سموئيل 22:13 - Sindhi Bible13 ۽ سائول هن کي چيو تہ تو، ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي برخلاف ٻڌي ڪئي آهي، جو تو هن کي ماني ۽ ترار ڏني، ۽ هن جي لاءِ خدا کان سوال گهريو تہ هو منهنجي برخلاف کڙو ٿئي، ۽ لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible13 پوءِ سائول چيس تہ ”تو ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي خلاف سازش ڪئي آهي؟ تو هن کي ماني ۽ تلوار ڏني ۽ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي خلاف کڙو ٿئي ۽ منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جو اوهان سڀني منهنجي برخلاف منصوبو ڪيو آهي، ۽ جڏهن منهنجو پٽ يسيءَ جي پٽ سان ٻڌي ٿو ڪري تڏهن ڪوبہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نٿو ٻڌائي، ۽ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نٿو ڏکي، ۽ نڪو مون کي ٻڌائي ٿو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪرن کي چوري منهنجي برخلاف کڙو ڪيو آهي، ۽ وجهہ لاءِ لڪي ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن حال آهي.