Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 21:9 - Sindhi Bible

9 ۽ ڪاهن چيو تہ جالوت فلستي، جنهن کي تو ايلاہ جي واديءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي ترار هتي آهي، اِجهو اُها افود جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي: جيڪڏهن تون اُها وٺڻ گهرين تہ وٺ: ڇالاءِ جو انهي کان سواءِ ٻي ترار هتي ڪانهي؛ تڏهن دائود چيو تہ انهي جهڙي ٻي ڪابہ ڪانهي، اُها مون کي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڪاهن وراڻيس تہ ”جالوت فلستي، جنهن کي تو ايلاہ جي ماٿريءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي تلوار هتي مذهبي وڳي جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي. جيڪڏهن تون اها کڻڻ گھرين تہ کڻ. باقي انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ تلوار هتي ڪانهي.“ تڏهن دائود چيس تہ ”انهيءَ جهڙي ٻي تلوار تہ ڪا آهي ئي ڪانہ. اها مون کي ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 21:9
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سائول ۽ اسرائيل جا ماڻهو بہ گڏ ٿيا، ۽ ايلہ جي واديءَ ۾ منزل هنيائون، ۽ فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ صفون ٻڌائون.


۽ دائود اخيملڪ کي چيو تہ هتي تو وٽ ڪو ڀالو يا ڪا ترار آهي؟ ڇالاءِ جو مون پاڻ سان پنهنجي ترار يا ڪي ٻيا هٿيار نہ آندا آهن، ڇو جو بادشاهہ جي ڪم جي تڪڙ هئي.


۽ هن انهي جي لاءِ خداوند کان سوال گهريو، ۽ هن کي ماني ڏنائين، ۽ جالوت فلستيءَ جي ترار بہ ڏنائينس.


۽ هنن سندس زرهہ عستارات جي گهر ۾ رکي: ۽ سندس لاش بيت شان جي ديوار تي ٺوڪي قابو ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ