Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 21:7 - Sindhi Bible

7 هاڻي انهي ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو خداوند جي اڳيان رهجي ويو هو؛ ۽ سندس نالو دوئيگ ادومي هو، جو سائول جي ڌنارن مان مکيہ ماڻهو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ان ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو اتي خداوند جي عبادت‌گاهہ وٽ ترسيل هو، جنهن جو نالو دوئيگ ادومي هو. هو سائول جي ڌنارن جو وڏو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 21:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جرار جي ڌنارن، اسحاق جي ڌنارن سان جهيڙو ڪيو ۽ چيائون تہ هي پاڻي اسان جو آهي: ۽ هن انهيءَ چشمي جو نالو عسق (جهيڙو) رکيو، ڇو تہ هنن ساڻس جهيڙو ڪيو.


۽ مال، جو گوهر جي شارون ۾ چرندو هو، تن جي مٿان سطري شاروني هو: ۽ اُهو مال جو گوهر جي وادين ۾ هو تن جي مٿان سافط بن عدلي هو.


۽ ڌڻن جي مٿان يازيز هاجري هو. اهي سڀ دائود بادشاهہ جي مال جي مٿان مقرر هئا.


۽ هن بيابان ۾ ٺلهہ ٺهرايا، ۽ گهڻا ئي حوض کوٽايا، ڇالاءِ جو هن وٽ گهڻو چوپايو مال هو؛ هيٺانهين زمين ۾ ۽ ميدان ۾ بہ: ۽ هن جا جبلن ۽ ٻنين ۾ هاري ۽ ڊاک جي باغن جا باغبان هئا؛ ڇالاءِ جو زراعت جو ڪم هنن کي گهڻو وڻندو هو.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهن شين مان ڪجهہ بہ نہ کائي: ڪاهن وٽ رهندڙ مسافر يا ڪو مزور بہ، انهن پاڪ شين مان نہ کائي.


پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ بيوہ، يا طلاق ڏنل هجي، ۽ انهي کي اولاد نہ هجي، ۽ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مانيءَ مان کائي: پر ٻيو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.


۽ تون ميدو کڻي، انهي مان ٻارنهن مانيون پچائج: هرهڪ مانيءَ ۾ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو هجي.


هر ڪنهن سبت جي ڏينهن هو خداوند جي حضور ۾ ٺاهي رکي؛ اهو بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جو عهد آهي.


۽ اوهين جي ايفہ کي ننڍو ٿا ڪريو، ۽ شيڪل کي وڏو، ۽ ڪوڙين ساهمين سان ٺڳي ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪڏهن نئون چنڊ ٽرندو، تہ اسين اَن وڪڻون، ۽ سبت ويندو تہ اسين ڪڻڪ ڪڍي ٻاهر رکون؟


”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.


۽ ڏس، سائول ٻنيءَ مان ڏاندن جي پٺيان پئي آيو: ۽ سائول چيو تہ ماڻهن سان ڪهڙي ويڌن آهي جو هو روئن ٿا؟ ۽ هنن اُنهي کي يبيس جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌايون.


هاڻي جڏهن سائول کي اسرائيل تي بادشاهي ملي تڏهن هو هر طرف پنهنجن سڀني دشمنن سان وڙهيو، يعني موآب سان، بني عمون سان، ادوم سان، ۽ ضوباہ جي بادشاهن سان، ۽ فلستين سان: ۽ جنهن پاسي هن منهن ٿي ڪيو، انهي پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


۽ دائود اخيملڪ کي چيو تہ هتي تو وٽ ڪو ڀالو يا ڪا ترار آهي؟ ڇالاءِ جو مون پاڻ سان پنهنجي ترار يا ڪي ٻيا هٿيار نہ آندا آهن، ڇو جو بادشاهہ جي ڪم جي تڪڙ هئي.


۽ هن انهي جي لاءِ خداوند کان سوال گهريو، ۽ هن کي ماني ڏنائين، ۽ جالوت فلستيءَ جي ترار بہ ڏنائينس.


۽ دائود ابي ياتر کي چيو تہ مون کي انهيءَ ڏينهن خبر هئي، جنهن ڏينهن دوئيگ ادومي اُتي هو، تہ هو ضرور سائول کي وڃي ٻڌائيندو: تنهنجي پيءُ جي گهر جي سڀني ماڻهن جي مارجڻ جو آءٌ ئي سبب ٿيو آهيان.


تڏهن دوئيگ ادوميءَ جو سائول جي نوڪرن وٽ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو تہ مون يسيءَ جي پٽ کي نوب ۾ اخيملڪ پٽ اخيطوب وٽ ايندو ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ