Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 21:5 - Sindhi Bible

5 ۽ دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ سچ ٿو چوان تہ هي گذريا ٽي ڏينهن زالون اسان کان پري رهيون آهن؛ جڏهن آءٌ ٻاهر آيس تڏهن انهن جوان ماڻهن جا باسڻ پاڪ هئا، جيتوڻيڪ اهو فقط رواجي پنڌ هو؛ تڏهن اڄ هنن جا ٿانوَ ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ هوندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ سچ ٿو چوان تہ گذريل چند ڏينهن کان اسين عورتن کان پري آهيون. جڏهن اسين رڳو عام رواجي سفر لاءِ ٻاهر نڪرندا آهيون تڏهن بہ اسين پاڻ کي پاڪ رکندا آهيون. پر اڄ جڏهن تہ هي اسان جو خاص سفر آهي، تڏهن اسان پاڻ کي پاڪ رکڻ لاءِ ڪيڏو نہ وڌيڪ خيال رکيو هوندو!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 21:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ موسيٰ جبل تان لهي ماڻهن وٽ آيو، ۽ ماڻهن کي مخصوص ڪيائين، ۽ هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا.


۽ هن ماڻهن کي چيو تہ ٽئين ڏينهن لاءِ تيار ٿيو: ڪوبہ زال کي ويجهو نہ وڃي.


۽ تون انهيءَ ميز تي هميشہ منهنجي حضور ۾ نذراني جي ماني رکندو رهج.


۽ اهي مانيون هارون ۽ سندس پٽن جون ٿينديون، ۽ هو اهي ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ ويهي کائين؛ ڇالاءِ جو اهو هميشہ جي قانون موجب، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان هن جي لاءِ تمام پاڪ آهي.


۽ فطيري مانين جي ٽوڪري، جا خداوند جي حضور ۾ رکيل هئي، تنهن مان هڪڙي فطيري ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو، ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍيائين، ۽ اهي چرٻيءَ ۽ ساڄي ران جي مٿان رکيائين:


پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:


اوهين هڪ ٻئي کان ڌار نہ رهو، پر فقط ٿوري وقت لاءِ ٻنهي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ اوهين دعا ۾ لڳي سگهو. ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ ٿيو، متان نفس جي غالب پوڻ ڪري شيطان اوهان کي آزمائي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن خدا جي مرضي موجب اوهين نيڪي ڪري ڏک سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪري ڏک سهڻ کان چڱي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ