Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 21:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن دائود اخيملڪ ڪاهن کي چيو تہ بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ جنهن ڪم جي پٺيان آءٌ توکي موڪليان ٿو، ۽ جيڪو حڪم مون توکي ڏنو آهي، سو ٻئي ڪنهن کي متان ٻڌائين: ۽ جوان ماڻهن کي مون ٻئي پاسي مقرر ڪري ويهاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 دائود کيس وراڻيو تہ ”بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ ’جنهن ڪم لاءِ آءٌ تو کي موڪليان ٿو ۽ جيڪو حڪم مون تو کي ڏنو آهي، تنهن بابت ٻئي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي.‘ سو پنهنجي ماڻهن کي مون ڪنهن ٻئي هنڌ ترسايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 21:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اسحاق پنهنجي پٽ کي چيو تہ، اي منهنجا پٽ، اهو توکي اهڙو جلد ڪيئن هٿ آيو؟ هن چيو تہ خداوند تنهنجي خدا منهنجي مدد ڪئي.


۽ چيائين تہ ڇا تون سچ پچ منهنجو پٽ عيسو آهين؟ هن چيو تہ ها آءٌ اهوئي آهيان.


تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ جهڙو تون نبي آهين اهڙو آءٌ بہ آهيان؛ ۽ خداوند جي حڪم پٺيان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو تہ هن کي پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر وڃ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي. پر هن اُنهيءَ کي ڪوڙ ڪري ائين چيو.


ڪوڙ جي واٽ کان مون کي پري رک: ۽ ٻاجهہ ڪري مون کي پنهنجي شريعت ڏي.


اي خداوند منهنجي وات تي نگهبان بيهار: ۽ منهنجن چپن جي دروازي کي سنڀال.


اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.


ڇالاءِ جو يعقوب وٽان ڪن ماڻهن جي اچڻ کان اڳي هو غير قومن سان کائيندو هو، پر جڏهن هو آيا، تڏهن مختونن جي ڊپ کان هو پٺتي هٽي ويو، ۽ پاڻ کي ڌار ڪيائين.


هڪ ٻئي سان ڪوڙ نہ ڳالهايو، جو اوهان پراڻي انسانيت سندس ڪمن سميت پوشاڪ وانگر لاهي ڇڏي آهي،


۽ سائول ميڪل کي چيو تہ ڇو تو مون کي هن طرح ٺڳيو آهي، ۽ منهنجي دشمن کي ڀڄائي ڇڏيو اٿيئي، جنهنڪري هو بچي ويو آهي؟ ۽ ميڪل سائول کي ورندي ڏني تہ هن مون کي چيو تہ مون کي وڃڻ ڏي: ڇو آءٌ توکي ماري وجهان؟


تنهنڪري هاڻي تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ پنج مانيون يا ٻيو جيڪي تو وٽ حاضر هجي سو منهنجي هٿ ۾ ڏي.


۽ دائود ابي ياتر کي چيو تہ مون کي انهيءَ ڏينهن خبر هئي، جنهن ڏينهن دوئيگ ادومي اُتي هو، تہ هو ضرور سائول کي وڃي ٻڌائيندو: تنهنجي پيءُ جي گهر جي سڀني ماڻهن جي مارجڻ جو آءٌ ئي سبب ٿيو آهيان.


تڏهن دوئيگ ادوميءَ جو سائول جي نوڪرن وٽ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو تہ مون يسيءَ جي پٽ کي نوب ۾ اخيملڪ پٽ اخيطوب وٽ ايندو ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ