12 ۽ دائود کي اهي لفظ دل سان لڳا، ۽ جات جي بادشاهہ اڪيس کان ڏاڍو ڊنو.
12 انهن لفظن دائود جي دل ۾ فڪر وجھي ڇڏيو ۽ هو جات جي بادشاهہ اڪيس کان ڏاڍو ڊڄڻ لڳو.
۽ انهيءَ هنڌ جي ماڻهن کانئس سندس زال بابت پڇيو؛ ۽ هن چيو تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي: ڇالاءِ جو هو پنهنجي زال چوڻ کان ڊنو ٿي، جو سمجهيائين تہ متان هن هنڌ جا ماڻهو ربقہ جي ڪري مون کي ماري وجهن: ڇو تہ هوءَ ڏسڻ ۾ سهڻي هئي.
مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.
مون خداوند کي ڳوليو ۽ هن منهنجي ٻڌي، ۽ مون کي منهنجن سڀني خوفن کان ڇڏايائين.
جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو تڏهن آءٌ توتي ڀروسو رکندس.
پر مريم اهي سڀ ڳالهيون دل ۾ سانڍي انهن تي خيال ڪندي رهي.
پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.
۽ زالن وڄائيندي هڪ ٻئي کي ڳائي پئي چيو، تہ سائول پنهنجن هزارن کي قتل ڪيو آهي، ۽ دائود پنهنجن لکن کي.
پوءِ دائود اُٿيو ۽ انهي ڏينهن سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ ويو.
تڏهن هن اُنهن جي اڳيان پنهنجي هلت چلت ڦيرائي ڇڏي، ۽ اُنهن جي هٿن ۾ ڪوڙ ڪري ديوانو ٿيو، ۽ دروازي جي طاقن تي ليڪا ڪڍڻ لڳو، ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ تي ڦيڻ واهڻ لڳو.