10 پوءِ دائود اُٿيو ۽ انهي ڏينهن سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ ويو.
10 پوءِ ساڳئي ڏينهن دائود سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ آيو.
۽ جڏهن هن اهو ڏٺو تڏهن هو اُٿي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڳو، ۽ بيرسبع ۾ آيو، جو يهوداہ جو شهر آهي، ۽ پنهنجو نوڪر اتي ڇڏي ڏنائين.
اي خدا مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو انسان مون کي ڳيهڻ ٿو گهري: هو سڄو ڏينهن وڙهي وڙهي مون کي پيو ستائي.
۽ جڏهن يهويقيم بادشاهہ پنهنجن سڀني بهادرن ۽ اميرن سميت هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن بادشاهہ هن کي مارڻ جي خواهش ڪئي؛ پر جڏهن اورياہ اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو ڊنو ۽ مصر ۾ ڀڄي ويو:
۽ سائول ۽ اسرائيل جا ماڻهو بہ گڏ ٿيا، ۽ ايلہ جي واديءَ ۾ منزل هنيائون، ۽ فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ صفون ٻڌائون.
تڏهن دائود ڊوڙي فلستيءَ تي چڙهي بيٺو، ۽ سندس ترار کپ مان ڪڍي انهي سان ڪُٺائينس، ۽ سسي وڍي ڌار ڪيائينس. ۽ جڏهن فلستين ڏٺو تہ سندن پهلوان مارجي ويو، تڏهن هو اُٿي ڀڳا.
۽ هن انهي جي لاءِ خداوند کان سوال گهريو، ۽ هن کي ماني ڏنائين، ۽ جالوت فلستيءَ جي ترار بہ ڏنائينس.