Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن يونتن چيس تہ اها ڳالهہ شل توکان پري رهي، ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون کي خبر هجي تہ منهنجي پيءُ جي مرضي توکي خرابي پهچائڻ جي آهي، تہ جيڪر آءٌ توکي نہ ٻڌايان ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن يونتن چيس تہ ”اهڙي ڳالهہ تون سوچ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها تہ منهنجي پيءُ تو کي نقصان پهچائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ ڇا آءٌ تو کي ٻڌائي نہ ڇڏيان ها؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:9
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سائول جي پٽ يونتن کي دائود گهڻو وڻندو هو. ۽ يونتن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ منهنجو پيءُ توکي مارائڻ ٿو گهري: تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ صبح جو پنهنجي سنڀال رکج، ۽ ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ ۾ وڃي رهج ۽ پاڻ کي لڪائج:


۽ جنهن ٻنيءَ ۾ تون آهين تنهن ۾ آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ جي پاسي ۾ بيهندس، ۽ تنهنجي بابت پنهنجي پيءُ سان ذڪر ڪندس؛ ۽ جيڪڏهن مون کي ڪي ڏسڻ ۾ آيو تہ توکي ٻڌائيندس.


تڏهن دائود يونتن کي چيو تہ جي تنهنجو پيءُ توکي سخت جواب ڏئي تہ مون کي ڪير اچي ٻڌائيندو؟


۽ يونتن ڇوڪر کي وڏي سڏ چيو تہ جلدي ڪر، تڪڙو ٿي ترس نہ. ۽ يونتن جو ڇوڪر تير گڏ ڪري پنهنجي ڌڻيءَ وٽ هليو آيو.


۽ يونتن دائود کي چيو تہ خير سان روانو ٿي، ڇالاءِ جو اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾، هميشہ لاءِ رهندو. پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو: ۽ يونتن شهر ڏي ويو.


تنهنڪري پنهنجي ٻانهي سان مهرباني جي رستي هل؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو آهي: پر جي مون ۾ گناهہ هجي تہ مون کي ڀلي قتل ڪري ڇڏ؛ پر ڇالاءِ تون مون کي پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ٿو هلين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ