Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:5 - Sindhi Bible

5 ۽ دائود يونتن کي چيو تہ ڏس، سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ ضرور آهي تہ آءٌ بادشاهہ سان گڏجي ماني کاوان: پر مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين پاڻ کي جهنگ ۾ وڃي لڪايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 دائود وراڻيس تہ ”ڏس، سڀاڻي نئين چنڊ جي عيد آهي ۽ انهيءَ ڪري مون کي بادشاهہ سان گڏجي ماني کائڻي پوندي. سو مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين وڃي جھنگ ۾ لڪان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ اڄ ڇو ٿي اُنهيءَ وٽ وڃڻ گهرين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي، نڪو سبت آهي. ۽ هن چيو تہ چڱائي ٿيندي.


جنهن مون کي طعنا هنيا سو دشمن ڪونہ هو: هوند آءٌ اهو سهي وڃان ها: ۽ جنهن پاڻ کي منهنجي برخلاف پڏايو تنهن کي مون سان دشمني ڪانہ هئي؛ هوند ۽ آءٌ پاڻ کي انهي کان لڪايان ها.


چنڊ ۽ چوڏس تي، يعني اسان جي پاڪ عيد جي ڏينهن تري وڄايو.


سياڻو ماڻهو بڇڙائي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا ماڻهو لنگهيو اڳتي وڃن ۽ انهيءَ ڪري نقصان سهن ٿا.


۽ اوهين جي ايفہ کي ننڍو ٿا ڪريو، ۽ شيڪل کي وڏو، ۽ ڪوڙين ساهمين سان ٺڳي ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪڏهن نئون چنڊ ٽرندو، تہ اسين اَن وڪڻون، ۽ سبت ويندو تہ اسين ڪڻڪ ڪڍي ٻاهر رکون؟


۽ اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، ۽ پنهنجين ٺهرايل عيدن تي، ۽ پنهنجن مهينن جي شروعات ۾، ۽ پنهنجين سوختني قربانين، ۽ سلامتيءَ جي قربانين تي قرنائيون وڄائجو؛ ۽ اهي اوهان جي خدا جي اڳيان اوهان لاءِ يادگار ٿينديون: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ اوهين پنهنجي هر ڪنهن مهيني جي شروعات ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني پيش ڪجو؛ يعني ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا؛


تنهن تي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ هنن پهڻ کنيا: پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو، ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


تنهن تي ڀائرن پولس کي هڪدم روانو ڪري ڇڏيو تہ سمنڊ تائين نڪري وڃي؛ پر سيلاس ۽ تيمٿيس اُتي ئي رهي پيا.


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛


پر سائول جي پٽ يونتن کي دائود گهڻو وڻندو هو. ۽ يونتن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ منهنجو پيءُ توکي مارائڻ ٿو گهري: تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ صبح جو پنهنجي سنڀال رکج، ۽ ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ ۾ وڃي رهج ۽ پاڻ کي لڪائج:


تڏهن يونتن چيس تہ سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ تنهنجي پڇا ٿيندي، ڇالاءِ جو تنهنجي جاءِ خالي هوندي.


۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جلد روانو ٿجانءِ، ۽ اُنهيءَ هنڌ اچجانءِ جتي تو پاڻ کي انهي ڏينهن وڃي لڪايو هو، جنهن ڏينهن ڪم هٿ ۾ هو، ۽ ازيل پٿر جي ڀر ۾ ترسجانءِ.


اُن موجب دائود پاڻ کي وڃي ٻنيءَ ۾ لڪايو: ۽ جڏهن نئون چنڊ آيو تڏهن بادشاهہ ماني کائڻ ويٺو.


۽ نئين چنڊ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو بہ دائود جي جاءِ خالي هئي: تڏهن سائول پنهنجي پٽ يونتن کي چيو تہ ڪهڙي سبب يسيءَ جو پٽ نہ ڪالهہ ماني کائڻ آيو نہ اڄ؟


تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوندي تيئن آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس.


جيڪڏهن تنهنجو پيءُ منهنجي پڇاڳاڇا ڪري، تہ تون چئج تہ دائود ڏاڍي زور سان پنهنجي شهر بيت لحم ڏي وڃڻ جي موڪل گهري: ڇالاءِ جو اُتي سندس خاندان جي لاءِ سالياني قرباني ٿيڻي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ