Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:32 - Sindhi Bible

32 ۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڇو هن کي قتل ڪرڻ گهرجي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”هن کي ڇو ٿو قتل ڪيو وڃي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:32
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب اچي ڪاوڙيو ۽ لابن کي ڇينڀڻ لڳو: ۽ يعقوب ورندي ڏيئي لابن کي چيو تہ مون ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي، ۽ ڪهڙو گناهہ ڪيو اٿم، جو تون اهڙي ڇوهہ مان مون تي ڪاهي آيو آهين؟


جنهن کي ڪاوڙجڻ جي عادت آهي تنهن سان دوستي نہ رک؛ ڪاوڙ واري ماڻهوءَ سان گڏ نہ گهم:


پنهنجي طبيعت ۾ تڪڙو ٿي نہ ڪاوڙج: ڇالاءِ جو ڪاوڙ بي عقلن جي سيني ۾ ٿي رهي.


سڀني ۾ اها خرابي آهي جا سج هيٺان آهي، تہ سڀني سان هڪڙي حالت لاڳو آهي: هائو، هيءَ بہ تہ انسان جي دل بديءَ سان ڀريل آهي، ۽ جيستائين هو جيئي ٿو تيستائين چريائي سندس دل ۾ آهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو مئلن ۾ داخل ٿئي ٿو.


دل سڀني شين کان وڌيڪ دغاباز آهي، ۽ اُها حد کان وڌيڪ بيمار آهي: انهي کي ڪير معلوم ڪري سگهي ٿو؟


هن چيو تہ ڇو، هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ پر هنن ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ صليب تي چاڙهيوس.


هن ٽيون دفعو چين تہ ڇو؟ هن ماڻهوءَ ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ موت جوڳو سبب ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو آهي، تنهنڪري سزا ڏيئي ڇڏي ٿو ڏيانس.


تہ پهريائين، جيسين ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌي آهي، ۽ نہ خبر پيئي آهي تہ هو ڇا ٿو ڪري، تيسين اسان جي شريعت ڪنهن جي بہ عدالت ڪري ٿي ڇا؟


۽ سائول پنهنجو نيزو اُڇليو، ڇو جو هن چيو تہ دائود کي ڀت سان وڃي ونڌيندس. ۽ دائود ٻہ ڀيرا وٽانئس نٽائي نڪري ويو.


۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي، ۽ چيائينس تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي، يعني دائود جي حق ۾ گناهہ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تنهنجي حق ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، ۽ هن تنهنجي لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن:


ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟


۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟


جيڪڏهن هو چوندو تہ چڱو، تہ پوءِ تنهنجو ٻانهو صحيح سلامت رهندو: پر جي هو ڪاوڙيو، تہ پوءِ ڄاڻج تہ هن ڪنهن خرابي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.


تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن سڀني نوڪرن مان دائود جهڙو ايماندار ڪير آهي، جو بادشاهہ جو ناٺي آهي، ۽ تنهنجي درٻار ۾ شامل آهي، ۽ تنهنجي گهر ۾ عزت وارو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ