Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:30 - Sindhi Bible

30 تڏهن سائول جي ڪاوڙ يونتن تي ڀڙڪڻ لڳي، ۽ هن کي چوڻ لڳو تہ اي ضدي ۽ باغي زال جا پٽ، مون کي اها خبر ناهي ڇا تہ تو انهي يسيءَ جي پٽ کي پنهنجي شرمندگي، ۽ پنهنجي ماءُ جي شرمندگيءَ جي ڪري پسند ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تڏهن سائول يونتن تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي فسادي عورت جا پٽ! هاڻ مون کي خبر پيئي تہ تون يسيءَ جي پٽ جي طرفداري ٿو ڪرين ۽ پاڻ کي ۽ جنهن تو کي ڄڻيو آهي تنهن کي بہ ذليل ٿو ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.


جيڪو دير سان ٿو چڙي سو وڏيءَ سمجهہ وارو آهي: جيڪو تڪڙي طبيعت وارو آهي سو بي عقليءَ جو درجو وڌائي ٿو.


ڏاهن جي زبان علم جو پوريءَ طرح بيان ڪري ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ ڪڍيو وجهي.


بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي؛ پر هن جي مهرباني اهڙي آهي جهڙي گاهہ تي ماڪ.


گهڻي ڪاوڙ وارو ماڻهو نيٺ سزا کائيندو: ڇالاءِ جو جي تون هن کي ڇڏائيندين تہ توکي وري وري ائين ڪرڻو پوندو.


مغرور ۽ هٺيلي ماڻهوءَ جو نالو ٺٺولي ڪندڙ آهي، اهو مغروريءَ جي بي حيائيءَ سان ڪم ڪري ٿو.


جنهن جي طبيعت روڪڻ جي ناهي، سو انهي شهر وانگر آهي جو ڀڄي پيو هجي ۽ ڀت ڪانہ هجيس.


پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري وزني آهي، پر بي عقل جي چڙ انهن ٻنهي کان ڳري آهي.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.


هر طرح جو ڪوڙ، ۽ ڪاوڙ، ۽ غصو، ۽ گوڙ، ۽ گلا، هر قسم جي بدخواهيءَ سميت، اوهان کان پري ٿئي:


اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو.


۽ هن چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو اسان جي گهراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي؛ ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اُتي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو آهي: ۽ هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ پنهنجن ڀائرن کي ڏسان. تنهنڪري هو بادشاهہ جي ميز تي نہ آيو آهي.


ڇالاءِ جو جيسين يسي جو پٽ زمين تي جيئرو رهندو تيسين نڪي تون پاڻ، نڪي تنهنجي حڪومت قائم رهندي. تنهنڪري هاڻي جلد هن کي گهرائي مون تائين آڻ، ڇاڪاڻ تہ هن جو مرڻ ضرور آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ