Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر دائود وري قسم کڻي چيس تہ ”تنهنجو پيءُ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي. سو هن سوچيو هوندو تہ ’يونتن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر نہ پوي تہ چڱو، نہ تہ متان ڏک ٿئيس.‘ پر جيئري خداوند ۽ تنهنجي جان جو قسم تہ پڪ منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ رڳو هڪڙي قدم جو مفاصلو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏئي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي جان جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ويندو انهيءَ هنڌ ضرور تنهنجو ٻانهو بہ ويندو، پوءِ مري يا جيئي.


۽ ايلياہ اليشع کي چيو تہ مهرباني ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي بيت ايل تائين موڪليو آهي. ۽ اليشع چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تنهنڪري هو بيت ايل ڏي ويا.


۽ ايلياہ هن کي چيو تہ اي اليشع، ڀلائي ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يريحو ڏي موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تڏهن هو يريحو ۾ آيا.


۽ ايلياہ هن کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يردن ڏانهن موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. پوءِ هو ٻئي اڳتي هليا ويا.


موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون ۽ قبر جا درد مون تي اچي پيا: آءٌ ڏک ۽ غم ۾ جهلجي ويس.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ يرمياہ وٽ ڳجهيءَ طرح قسم کڻي چيو، تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن اسان جو هيءُ ساهہ جوڙيو آهي، تہ آءٌ توکي نہ ماريندس نڪي توکي انهن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس جي تنهنجي ساهہ جا ڳولائو آهن.


۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.


۽ توکي حياتيءَ جي دهشت رهندي؛ ۽ تون رات ڏينهن ڊپ ۾ گذاريندين، ۽ توکي پنهنجيءَ زندگيءَ جي پڪ ڪانہ ٿيندي:


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


ڇالاءِ جو ماڻهو پاڻ کان وڏي جو قسم کڻندا آهن؛ ۽ سندن سڀ ڪنهن تڪرار ۾ قسم آخرين ثابتي آهي.


۽ هن چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ تنهنجي حياتيءَ جو قسم ٿي کڻان تہ آءٌ اُها ئي زال آهيان، جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيٺي خداوند کان دعا گهري.


۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان.


۽ هن چيس تہ خدا پناهہ رکي؛ تون ڪين مرندين: ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ اهڙو وڏو يا ننڍو ڪم نہ ڪندو آهي، جو مون کي نہ ٻڌائيندو آهي: ۽ منهنجو پيءُ مون کان اها ڳالهہ ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين آهي.


تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوندي تيئن آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس.


تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين.


۽ دائود پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي هڪڙي ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس: منهنجي لاءِ انهي کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ڀڄي فلستين جي ملڪ ۾ وڃان؛ ۽ سائول مون کان نااُميد ٿي وري مون کي اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ نہ ڳوليندو: انهيءَ طرح آءٌ سندس هٿان ڇٽي پوندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ