Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:23 - Sindhi Bible

23 باقي جنهن ڳالهہ بابت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ذڪر هليو آهي، تنهن جي لاءِ خداوند هميشہ واسطي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 باقي جنهن ڳالهہ بابت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ عهد اقرار ٿيو آهي، تنهن جي لاءِ خداوند هميشہ واسطي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:23
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ساريءَ ابرام کي چيو تہ مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو تنهنجي سر تي آهي! مون پنهنجي ٻانهي تنهنجيءَ هنج ۾ ڏني ۽ هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ پيٽ سان ٿي آهي، تڏهن مون ڏانهن حقارت سان ٿي نهاري: سو خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪندو.


۽ انهيءَ ٿنڀ جو نالو مصفاہ بہ رکيائين، جو هن چيو تہ جڏهن پاڻ هڪ ٻئي کان ڌار ٿينداسين، تڏهن خداوند اسان ٻنهي تي نگاهہ رکي.


جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کي ڏکيو رکندين، يا جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کان سواءِ ٻيون زالون پرڻبين، تہ جيتوڻيڪ ٻيو ڪو ماڻهو اسان سان ڪونهي، پر ڏس، خدا منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.


ابرهام جو خدا، ۽ نحور جو خدا، ۽ سندن پيءُ جو خدا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪندو. تڏهن يعقوب انهيءَ جو قسم کنيو، جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


اُن موجب دائود پاڻ کي وڃي ٻنيءَ ۾ لڪايو: ۽ جڏهن نئون چنڊ آيو تڏهن بادشاهہ ماني کائڻ ويٺو.


۽ يونتن دائود کي چيو تہ خير سان روانو ٿي، ڇالاءِ جو اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾، هميشہ لاءِ رهندو. پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو: ۽ يونتن شهر ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ