20 ۽ آءٌ انهي پاسي ٽي تير هڻندس، ڄڻ تہ نشان ٿي چُٽيم.
20 آءٌ انهيءَ پاسي ٽي تير هڻندس، ڄڻ تہ ڪو نشان چٽي رهيو هوندس.
۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جلد روانو ٿجانءِ، ۽ اُنهيءَ هنڌ اچجانءِ جتي تو پاڻ کي انهي ڏينهن وڃي لڪايو هو، جنهن ڏينهن ڪم هٿ ۾ هو، ۽ ازيل پٿر جي ڀر ۾ ترسجانءِ.
۽ ڏس آءٌ ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ وڃي تير ڳولي هٿ ڪر. جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ڏس، تير تنهنجي هن پاسي آهن: تہ پوءِ تون اُهي کڻي اچج: ڇالاءِ جو خداوند جيئري جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ نقصان ڪونهي.
۽ هن انهي ڇوڪر کي چيو تہ جيڪي تير آءٌ هڻان ٿو سي ڊوڙي وڃي کڻي اچ، ۽ جيئن هو ڇوڪر ڊوڙڻ لڳو، تڏهن هن کانئس اڳي تير اُڇلايو.