Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:19 - Sindhi Bible

19 ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جلد روانو ٿجانءِ، ۽ اُنهيءَ هنڌ اچجانءِ جتي تو پاڻ کي انهي ڏينهن وڃي لڪايو هو، جنهن ڏينهن ڪم هٿ ۾ هو، ۽ ازيل پٿر جي ڀر ۾ ترسجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پرينهن تون شام ٿيندي ئي روانو ٿجانءِ ۽ انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃجانءِ جتي تون اڳ ۾ بہ لڪو هئين. اتي تون پٿرن جي ڍير جي پٺيان لڪي ويهجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:19
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو.


پر سائول جي پٽ يونتن کي دائود گهڻو وڻندو هو. ۽ يونتن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ منهنجو پيءُ توکي مارائڻ ٿو گهري: تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ صبح جو پنهنجي سنڀال رکج، ۽ ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ ۾ وڃي رهج ۽ پاڻ کي لڪائج:


تڏهن يونتن چيس تہ سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ تنهنجي پڇا ٿيندي، ڇالاءِ جو تنهنجي جاءِ خالي هوندي.


۽ آءٌ انهي پاسي ٽي تير هڻندس، ڄڻ تہ نشان ٿي چُٽيم.


۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ دائود سان ٺهرايل وقت تي يونتن هڪڙو ننڍو ڇوڪر پاڻ سان وٺي ٻنيءَ ڏي نڪري ويو.


۽ دائود يونتن کي چيو تہ ڏس، سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ ضرور آهي تہ آءٌ بادشاهہ سان گڏجي ماني کاوان: پر مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين پاڻ کي جهنگ ۾ وڃي لڪايان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ