Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:16 - Sindhi Bible

16 انهي طرح يونتن دائود جي گهراڻي سان عهد اقرار ڪيو، ۽ چيائين تہ خداوند دائود جي دشمنن کان انهي جو بدلو وٺندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اهڙيءَ طرح يونتن دائود جي گھراڻي سان عهد اقرار ڪيو ۽ چيائين تہ ”شل خداوند دائود جي دشمنن کان انهيءَ جو بدلو وٺي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


پر بادشاهہ اياہ جي ڌيءَ رصفہ جا ٻہ پٽ، جي سائول مان ڄاوا هئس، يعني ارموني ۽ مفيبوست، ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل جا پنج پٽ، جي هن عدري ايل بن برزلي محولاتيءَ مان ڄڻيا هئا، تن کي ورتو:


۽ جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، قسم کڻي اُنهن کي ۽ انهن جي ماڻهن کي چيو، تہ ڪسدين جي نوڪري ڪرڻ کان نہ ڊڄو: انهيءَ ملڪ ۾ رهو ۽ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو، تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو.


جڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪج: نہ تہ تو تي گناهہ ايندو، ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا ضرور توکان انهيءَ جي طلب ڪندو:


۽ خداوند جي پيروي کان منهن مٽڻ جي ارادي سان پنهنجي لاءِ قربانگاهہ ٺاهي آهي؛ يا جي انهيءَ لاءِ تہ انهي تي سوختني قرباني يا کاڌي جي قرباني، يا سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون، تہ ڀلي خداوند انهي جو اسان کان حساب وٺي؛


تڏهن يونتن ۽ دائود پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، ڇالاءِ جو هن انهي کي پنهنجي ساهہ جيترو پيار ٿي ڪيو.


۽ يونتن دائود کي چيو تہ خير سان روانو ٿي، ڇالاءِ جو اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾، هميشہ لاءِ رهندو. پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو: ۽ يونتن شهر ڏي ويو.


جو اوهان سڀني منهنجي برخلاف منصوبو ڪيو آهي، ۽ جڏهن منهنجو پٽ يسيءَ جي پٽ سان ٻڌي ٿو ڪري تڏهن ڪوبہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نٿو ٻڌائي، ۽ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نٿو ڏکي، ۽ نڪو مون کي ٻڌائي ٿو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪرن کي چوري منهنجي برخلاف کڙو ڪيو آهي، ۽ وجهہ لاءِ لڪي ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن حال آهي.


۽ انهن ٻنهي خداوند جي اڳيان پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو: ۽ دائود ٻيلي ۾ رهجي پيو، ۽ يونتن پنهنجي گهر هليو ويو.


سو جيڪڏهن آءٌ صبح جي سوجهري کان اڳي جيڪي هن وٽ آهن تن مان هڪڙو ڇوڪرو ئي کڻي ڇڏيان، تہ شل خدا دائود جي دشمنن سان ائين ڪري بلڪ زيادہ.


تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين.


۽ فلستي سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پيا، ۽ کين تنگ ڪيائون: ۽ فلستين يونتن ۽ ابينداب، ۽ ملڪيشوع، جي سائول جا پٽ هئا تن کي قتل ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ