Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن دائود يونتن کي چيو تہ جي تنهنجو پيءُ توکي سخت جواب ڏئي تہ مون کي ڪير اچي ٻڌائيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ دائود يونتن کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تنهنجو پيءُ تو کي سخت جواب ڏئي تہ مون کي ڪير اچي ٻڌائيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ملڪ جو حاڪم آهي، تنهن اسان سان کهرو ڳالهايو، ۽ اسان کي انهيءَ ملڪ جا جاسوس ڪري سمجهيائين.


يوسف پنهنجن ڀائرن کي ڏسي کين سڃاتو، پر پاڻ ڌارئي وانگر ساڻن کهرو ڳالهايائين؛ ۽ چيائين تہ اوهين ڪٿان ٿا اچو؟ هنن چيو تہ اسين کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهيون.


۽ بادشاهہ انهن ماڻهن کي شوخيءَ سان جواب ڏنو، ۽ جيڪا صلاح پير مردن ڏني هيس سا ڇڏي ڏنائين؛


غريب منٿون آزيون ٿو ڪري: پر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو.


يونتن دائود کي چيو تہ ٻنيءَ ڏي هلون. پوءِ هو ٻئي ٻنيءَ ڏي نڪري ويا.


تڏهن يونتن چيس تہ اها ڳالهہ شل توکان پري رهي، ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون کي خبر هجي تہ منهنجي پيءُ جي مرضي توکي خرابي پهچائڻ جي آهي، تہ جيڪر آءٌ توکي نہ ٻڌايان ڇا؟


۽ نابال ورندي ڏئي دائود جي نوڪرن کي چيو، تہ دائود ڪير آهي؟ ۽ يسيءَ جو پٽ ڪير آهي؟ اڄ ڪلهہ ڪيترائي اهڙا نوڪر آهن جي پنهنجي پنهنجي ڌڻيءَ کان ڇڄي ڌار ٿا ٿين.


۽ انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي نابال جي زال ابيجيل کي چيو تہ ڏس، دائود بيابان مان تنهنجي ڌڻيءَ جي کيڪارڻ لاءِ قاصد موڪليا؛ ۽ هو انهن تي ڪاهي آيو.


تنهنڪري هاڻي ڄاڻ ۽ ويچار ڪر، تہ ڇا ڪرڻو اٿيئي؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڌڻي ۽ سندس ساري گهراڻي لاءِ خرابي رٿي ويئي آهي: هن ڪري جو هو اهڙو بڇڙو آهي جو ڪوبہ هن سان ڳالهائي نٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ