Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:1 - Sindhi Bible

1 ۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ دائود رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ کان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو. کيس چيائين تہ ”مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو قصور آهي؟ تنهنجي پيءُ جو مون ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو پرديسي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن، ۽ غضبناڪ ماڻهو منهنجي جان جي پٺيان پيا آهن: اُنهن خدا کي پنهنجي سامهون نہ رکيو آهي.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


(تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.


اي پيارو، جيڪڏهن اسان جي دل اسان کي ڏوهہ نہ ڏيندي، تہ خدا جي حضور ۾ اسان کي همت ٿيندي؛


اِجهو آءٌ حاضر آهيان: خداوند جي اڳيان، ۽ سندس مسح ڪيل جي اڳيان، اوهين مون تي شاهدي ڏيو: مون ڪنهن جو ڏاند ورتو آهي؟ يا ڪنهن جو گڏهہ مون ورتو آهي؟ يا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي اٿم، يا ڪنهن تي مون ظلم ڪيو آهي؟ يا ڪنهن جي هٿان مون رشوت وٺي انهي سان پنهنجون اکيون بند ڪيون آهن؟ تہ آءٌ اُها موٽائي اوهان کي ڏيان.


۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو.


هاڻي دائود جان بچائي اُٿي ڀڳو ۽ رامہ ۾ سموئيل وٽ آيو، ۽ جيڪي سائول ساڻس ڪيو هو سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو ۽ سموئيل وڃي نيوت ۾ رهڻ لڳا.


۽ هن چيس تہ خدا پناهہ رکي؛ تون ڪين مرندين: ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ اهڙو وڏو يا ننڍو ڪم نہ ڪندو آهي، جو مون کي نہ ٻڌائيندو آهي: ۽ منهنجو پيءُ مون کان اها ڳالهہ ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين آهي.


۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڇو هن کي قتل ڪرڻ گهرجي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟


۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.


خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪري، ۽ خداوند منهنجو توکان وير وٺي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.


۽ هن دائود کي چيو تہ تون مون کان وڌيڪ راستباز آهين: ڇالاءِ جو تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، پر مون توسان برائي ڪئي آهي.


۽ دائود سائول کي چيو تہ ڇالاءِ تون ماڻهن جون ڳالهيون ٿو ٻڌين، جي چون ٿا تہ ڏس، دائود توکي ايذاءُ پهچائڻ ٿو گهري؟


تڏهن هن چيو تہ ڇالاءِ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي جي پٺيان ٿو پوي؟ مون ڇا ڪيو آهي؟ يا منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ