Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:8 - Sindhi Bible

8 هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هو مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪچري جي ڍير مان ڪڍي کين شان وَ شوڪت سان شهزادن سان گڏ تخت تي ويهاري ٿو. هو اهو ئي خداوند آهي جنهن ڌرتيءَ جا ٿنڀا کوڙيا آهن، جن جي مٿان هن هي جهان قائم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:8
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فرعون يوسف کي گهرايو ۽ هو کيس جلد قيد خاني مان وٺي آيا: ۽ هن پنهنجي سنوارت ڪرائي، ۽ ڪپڙا بدلائي فرعون وٽ آيو.


تون منهنجي گهر جو مختيار ٿي، ۽ ساريءَ رعيت تي پنهنجيءَ مرضي موجب حڪم هلاءِ: فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري، منهنجو درجو تو کان مٿي ٿيندو.


تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:


مون توکي مٽيءَ مان چاڙهي مٿي ڪيو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل تي توکي بادشاهہ ڪيم؛ تہ بہ تون يربعام جي رستي تي هليو آهين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل کان گناهہ ڪرايو اٿيئي، جنهنڪري هنن جي گناهن سبب مون کي ڪاوڙ آئي؛


۽ هو اُٿيو ۽ اندر گهر ۾ گهڙي ويو؛ تڏهن هن اهو تيل هاري هن جي مٿي تي وڌو، ۽ چيائينس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان مسح ڪري بادشاهہ ڪيو آهي.


۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان اگهاڙو آيس، ۽ وري بہ اوڏي اُگهاڙو موٽي ويندس: خداوند ڏنو، ۽ خداوند موٽائي ورتو آهي؛ شل خداوند جو نالو برڪت وارو هجي.


۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙي ٺڪري کنئي، جنهن سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو؛ ۽ هو خاڪ ۾ ويٺو هوندو هو.


تو قديم زماني ۾ زمين جو بنياد وڌو ۽ آسمان تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن.


تو زمين کي انهي جي بنياد تي قائم ڪيو، تہ هو ڪڏهن بہ مٽجي نہ وڃي.


تہ بہ هو محتاج کي ڏکن کان ڇڏائي سرفراز ٿو ڪري، ۽ سندن خاندان کي ڌڻ وانگر ٿو وڌائي.


ڇالاءِ جو هن اُنهي جو بنياد سمنڊ تي رکيو آهي، ۽ پاڻي جي مٿان اُنهن کي قائم ڪيو اٿس.


زمين ۽ انهيءَ جا سڀ رهاڪو ڳري ويا آهن: مون انهيءَ جي ٿنڀن کي قائم ڪيو اهي.


مون هٺيلن کي چيو تہ هٺ نہ ڪريو: ۽ بڇڙن کي چيم تہ سڱ مٿي نہ کڻو:


پر خدا ئي منصف آهي: هو هڪڙي کي ڪيرائي ٿو، ٻئي کي چاڙهي ٿو.


ڇالاءِ جو هو قيد مان اچي بادشاهہ ٿيو، هائو، بلڪ پنهنجي بادشاهت ۾ هو غريب ڄائو هو.


۽ آءٌ هن کي ڪليءَ وانگي مضبوط جاءِ تي قابو ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي لاءِ جلالي تخت ٿيندو.


تڏهن بادشاهہ داني ايل کي وڏي عزت ڏني، ۽ هن کي گهڻا ئي وڏا انعام ڏنائين، ۽ بابل جي سڄي پرڳڻي تي حڪمران مقرر ڪيائينس، ۽ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن تي وڏو حاڪم ڪيائينس.


اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو.


تڏهن اهو داني ايل انهن وزيرن ۽ والين ۾ برک ٿي ويو، ڇالاءِ جو منجهس هڪڙو تمام چڱو روح هو: ۽ بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هن کي سڄي ملڪ جي مٿان مقرر ڪري.


هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛


منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟


۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.


۽ اڳتي وري رات ڪانہ ٿيندي؛ ۽ انهن کي چراغ يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي، ڇالاءِ جو خداوند خدا انهن کي روشنائي ڏيندو؛ ۽ اُهي هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


۽ انهن کي اسان جي خدا جي لاءِ هڪڙي بادشاهت ۽ ڪاهن ڪيو اٿيئي؛ ۽ اُهي زمين تي بادشاهي ڪندا.


۽ سموئيل چيو تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي نظر ۾ تمام حقير هئين، تہ بہ تون اسرائيل جي فرقن جو مهندار نہ ڪيو ويو هئين ڇا؟ ۽ خداوند توکي مسح ڪرائي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ