Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:7 - Sindhi Bible

7 خداوند مسڪين ڪري ٿو ۽ دولتمند ڪري ٿو، هو هيٺ لاهي ٿو ۽ هو مٿي بہ چاڙهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هو ئي شاهوڪارن کي ڪنگال ٿو بڻائي، ۽ ڪنگالن کي شاهوڪار، هو ئي لاهي هيٺ ڪري ٿو ۽ هو ئي بلند ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو اُٿيو ۽ اندر گهر ۾ گهڙي ويو؛ تڏهن هن اهو تيل هاري هن جي مٿي تي وڌو، ۽ چيائينس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان مسح ڪري بادشاهہ ڪيو آهي.


دولت ۽ عزت تو وٽان آهي، ۽ تون سڀني تي حڪومت ڪرين ٿو؛ ۽ تنهنجي هٿ ۾ قدرت ۽ طاقت آهي؛ ۽ سرفراز ڪرڻ ۽ سڀ ڪنهن کي زور بخشڻ تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي.


۽ حزقياہ کي تمام گهڻي دولت ۽ عزت حاصل ٿي: ۽ هن پنهنجي لاءِ چاندي، ۽ سون، ۽ قيمتي جواهر ۽ مصالحن، ۽ سپرن ۽ هر قسم جي سهڻن باسڻن جا خزانا گڏ ڪيا؛


تنهن کانسواءِ هن پنهنجي لاءِ شهر، ۽ ڌڻن ۽ گلن جو مال ملڪيت تمام گهڻو گڏ ڪيو: ڇالاءِ جو خداوند هن کي گهڻو مال عطا ڪيو هو.


۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان اگهاڙو آيس، ۽ وري بہ اوڏي اُگهاڙو موٽي ويندس: خداوند ڏنو، ۽ خداوند موٽائي ورتو آهي؛ شل خداوند جو نالو برڪت وارو هجي.


جيڪو مغرور آهي تنهن ڏي نظر ڪر ۽ انهيءَ کي لاهي هيٺ ڪر؛ ۽ جتي شرير بيٺا آهن اُتي هنن کي لتاڙي ڇڏ.


اهڙو جو جيڪي هيٺ آهن تن کي مٿي ويهاري ٿو، ۽ جيڪي ڏک ڪن ٿا سي چڙهي وڃي سلامتيءَ کي پهچن ٿا.


اهو تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي: ڇو جو تو مون کي مٿي چاڙهيو ۽ ڪيرائي ڦٽو ڪيو آهي:


پر خدا ئي منصف آهي: هو هڪڙي کي ڪيرائي ٿو، ٻئي کي چاڙهي ٿو.


ڇالاءِ جو خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو پيالو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو شراب آهي، اُهو گڏيل شراب آهي: هو اُنهيءَ مان اوتي ٿو ڪڍي؛ ۽ زمين جا سڀيئي بڇڙا ماڻهو انهي جي تري جو نچوڙ پيئندا.


شاهوڪار ۽ غريب پاڻ ۾ گڏبا آهن: خداوند انهن سڀني جو خالق آهي.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي قومن ۾ ننڍو ۽ ماڻهن ۾ حقير ڪيو آهي.


۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڄاڻندا تہ مون، خداوند، اهو وڏو وڻ هيٺ ڪيرايو آهي، ۽ ننڍي وڻ کي وڌائي مٿي ڪيو اٿم؛ ۽ سائي وڻ کي سُڪائي ڇڏيو اٿم، ۽ سُڪل وڻ کي سائو ڪري وڌايو اٿم: مون خداوند اها ڳالهہ ڪئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيو اٿم.


خداوند جي حضور ۾ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ