Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:5 - Sindhi Bible

5 جي ڍاول هئا سي مانيءَ جي لاءِ مزوري ڪمائڻ لڳا آهن؛ ۽ جي بکايل هئا، تن کي آرام آهي: هائو، سنڍ زال ست ڄڻيا آهن؛ ۽ جنهن زال کي گهڻا ٻار آهن، سا زبون ٿي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيڪي ڍاول هئا سي مانيءَ خاطر وڃي مزدور ٿيا، ۽ جيڪي بکايل هئا تن کائي ڍءُ ڪيو آهي. جيڪا عورت سنڍ هئي سا ستن ٻارن جي ماءُ بڻي، ۽ جيڪا جھجھن ٻارن جي ماءُ هئي سا اڪيلي وڃي بچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو سنڍ جو گهر آباد ٿو ڪري، ۽ کيس ٻارن جي سرهي ماءُ ٿو ڪري، خداوند جي تعريف ڪريو.


شينهن جا ٻچا حاجت مند ۽ بکيا ٿين ٿا: پر جيڪي خداوند جا طالب آهن تن کي ڪنهن بہ نعمت جي گهرج ڪانہ رهندي.


زمين ماتم ٿي ڪري ۽ غير آباد ٿي رهي، لبنان شرمندو آهي، ۽ سڪي ٿو وڃي، شارون رڻ پٽ وانگيان آهي؛ ۽ بسن ۽ ڪرمل پنهنجا پن ٿا ڇاڻين.


اي سنڍ، تون جنهن کي ٻار نٿي ٿيو، سا ڳاءِ؛ تون جنهن ويم جا سور نہ سٺا آهن، سا وڏي آواز سان ڳائڻ شروع ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گهڻو آهي


جنهن ست ڄڻيا آهن سا ماندي ٿي وڃي ٿي؛ انهي ساهہ ڏنو آهي؛ انهي جو سج ڏينهن بيٺي لهي ويو آهي؛ هوءَ شرمندي ۽ پشيمان ٿي آهي، ۽ انهن مان جيڪي باقي بچندا، تنهنجي نسبت ۾، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن کي سندن دشمنن اڳيان ترار جي حوالي ڪندس.


هن بکين کي چڱين شين سان ڍائي ڇڏيو آهي ۽ ڍاولن کي سکڻي هٿ موٽايو اٿس.


پر ابراهيم چيو، تہ پٽ، ياد ڪر، تہ توکي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون ٿي مليون، پر لعزر کي خراب شيون: مگر هاڻي هو آرام ۾ آهي، ۽ تون عذاب ۾ آهين.


ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”اي سنڍ زال، تون جا ٻار نٿي ڄڻين، سا خوشيون ڪر؛ تون، جنهن کي ويم جي سورن جي خبر ڪانهي، سا وڏي آواز سان رڙيون ڪر؛ ڇالاءِ جو مڙس واريءَ زال کان نڌڻڪيءَ زال جا ٻار گهڻا آهن.“


۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ پوري وقت تي حنہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين؛ ۽ هن انهي جو نالو سموئيل رکيو، ڇالاءِ جو چيائين تہ مون هن کي خداوند کان گهري ورتو آهي.


۽ هن جي پهاڄ کيس ڏاڍو ستائيندي هئي، تہ ڀلي تہ هوءَ ڪنجهي ڪُرڪي، جو خداوند هن کي ٻار ڄڻڻ کان روڪي ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ