Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:4 - Sindhi Bible

4 زور وارن جون ڪمانون ڀڄي پيون آهن، ۽ جيڪي آٿڙيا ٿي تن جي چيلهہ طاقت ساڻ ٻڌل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 زور وارن جا تيرڪمان هاڻي ٽُٽي پيا آهن، ۽ جيڪي ڪمزور هئا تن طاقت سان سندرو ٻڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو تو منهنجيءَ چيلهہ کي جنگ جي لاءِ طاقت سان ٻڌو آهي: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا تن کي منهنجي تابع ڪيو اٿيئي.


انهن جي ترار سندين ئي دلين ۾ گهڙي ويندي، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پونديون.


ڇالاءِ جو بدڪارن جون ٻانهون ڀڄي پونديون: پر خداوند راستباز کي سنڀالي ٿو.


ماٺ ڪريو ۽ ڄاڻو تہ آءٌ خدا آهيان؛ آءٌ قومن ۾ اقبال مند ٿيندس، آءٌ ساري زمين تي سربلند ٿيندس.


هو زمين جي ڇيڙي تائين جنگيون بند ٿو ڪرائي: هو ڪمان کي ڀڃي ٿو ۽ ڀالي کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري: هو جنگي گاڏين کي باهہ ۾ ساڙيو ڇڏي.


اتي هن ڪمان جا تير، ۽ ڍال، ۽ ترار، ۽ جنگ جو سامان ڀڃي ڇڏيو.


هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


هو ماندن کي زور ڏئي ٿو؛ ۽ جنهن کي طاقت ڪانهي تنهن جي سگهہ وڌائي ٿو.


هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها.


ڇالاءِ جو لٽ ڪرڻ وارو انهي تي ڪاهي آيو آهي، يعني بابل تي، ۽ ان جا بهادر مرد جهلجي ويا آهن، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انتقام وٺڻ وارو خدا آهي، ۽ هو ضرور بدلو وٺندو.


پر هن مون کي چيو تہ منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي قدرت ڪمزورين ۾ ڪامل ٿي ٿئي. تنهنڪري ڏاڍيءَ خوشيءَ سان آئون پنهنجين ڪمزورين تي فخر ٿو ڪريان، تہ مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.


تنهنڪري سچ جو سندرو ٻَڌي، ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو زرهہ ڍڪيو،


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛


باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ