Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:36 - Sindhi Bible

36 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ ماڻهو تنهنجي گهر ۾ باقي رهندو سو چانديءَ جي هڪڙي سڪي، ۽ مانيءَ جي هڪڙي ٽڪيءَ لاءِ اچي انهي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندو، ۽ چوندو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڪاهنن جي عهدن مان هڪڙي تي رک تہ آءٌ مانيءَ جو گرهہ کاوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 تنهنجي اولاد مان باقي جيڪي بچيل هوندا سي چانديءَ جي هڪڙي سڪي يا مانيءَ جي هڪڙي ٽڪري لاءِ اچي انهيءَ جي اڳيان ڪنڌ جھڪائيندا ۽ کيس منٿ ڪري چوندا تہ ’اسان کي ڪهانت جي ڪنهن بہ خدمت لاءِ مقرر ڪر تہ اسين مانيءَ ٽڪر کائون.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:36
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح سليمان ابياتر کي خداوند جي ڪاهن ٿيڻ کان ڪڍي ڇڏيو: انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند جو اهو ڪلام پورو ڪري جو هن سيلا ۾ عيلي جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو هو.


انهيءَ هوندي بہ انهن مٿانهين جاين جا پوڄاري يروشلم ۾ خداوند جي قربانگاهہ تائين نہ آيا، پر پنهنجن ڀائرن سان گڏ بي خميري ماني کاڌائون.


بڇڙا چڱن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائين ٿا؛ ۽ شرير سچن جي درن تي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟


۽ ميڪاہ چيس تہ تون مون سان گڏجي رهہ، ۽ منهنجو ابو ۽ ڪاهن ٿي رهہ، ۽ آءٌ توکي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، ۽ ڪپڙن جو هڪڙو وڳو، ۽ کاڌو پاڻي ڏيندو رهندس. پوءِ اُهو لاوي اندر آيو.


۽ آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو: ۽ آءٌ انهي جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس؛ ۽ اُهو هميشہ منهنجي ممسوح ڪيل جي اڳيان هلندو.


۽ اهو ڇوڪر سموئيل عيليءَ جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو هو، ۽ خداوند جو ڪلام انهن ڏينهن ۾ ڪامياب هو؛ ڪو ظاهر ظهور رويا نہ ٿيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ