1.سموئيل 2:35 - Sindhi Bible35 ۽ آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو: ۽ آءٌ انهي جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس؛ ۽ اُهو هميشہ منهنجي ممسوح ڪيل جي اڳيان هلندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible35 آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ٻيو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جيڪو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو. آءٌ انهيءَ جي گھراڻي کي قائم ڪندس ۽ اهي منهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان هميشہ خدمت ڪندا رهندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان سو جيڪڏهن تون مڃيندين، ۽ منهنجن رستن تي هلندين، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ برابر آهي سو ڪندين، ۽ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود ڪندو هو، تہ آءٌ توسان هوندس، ۽ تنهنجي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس، جيئن دائود جي لاءِ جوڙيو هوم، ۽ اسرائيل تنهنجي حوالي ڪندس.