Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:34 - Sindhi Bible

34 ۽ اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي، جا تنهنجن ٻن پٽن، حفني ۽ فنحاس تي ايندي؛ هڪڙي ئي ڏينهن اُهي ٻئي مري ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 جڏهن تنهنجا پٽ حفني ۽ فينحاس ٻئي هڪڙي ئي ڏينهن مري ويندا، تڏهن اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي تہ منهنجيون چيل ڳالهيون سچيون ثابت ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:34
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هن هڪڙو نشان ڏيئي چيو تہ جنهن نشان جو خداوند ذڪر ڪيو آهي سو هي آهي: ڏسو، هيءَ قربانگاهہ ڦاٽي پوندي، ۽ جيڪا خاڪ انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.


تنهنڪري اُٿي پنهنجي گهر وڃ: ۽ جڏهن تنهنجا پير شهر ۾ پوندا تڏهن اُهو ٻار مري ويندو.


۽ هن جي هيءَ نشاني اٿوَ، تہ اوهين هڪ ٻار کي ٻاروتن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.


۽ جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن تڏهن جيئن اُنهي وقت تو کي مناسب نظر اچي تيئن ڪج؛ ڇالاءِ جو خداوند توسان آهي.


۽ تنهنجي ماڻهن مان، جنهن کي آءٌ پنهنجي قربانگاهہ مان ڪڍي نہ ڇڏيندس، سو تنهنجين اکين ۾ باهہ، ۽ تنهنجي دل ڏکوئڻ وارو ٿيندو: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ جيڪي ماڻهو وڌندا سي جوانيءَ ۾ مري ويندا.


انهي ڏينهن جيڪي عيليءَ جي گهراڻي جي نسبت ۾ مون چيو آهي سو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهي جي برخلاف پورو ڪندس.


۽ خدا جي صندوق جهلجي ويئي، ۽ عيلي جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.


۽ جنهن خبر آندي هئي تنهن ورندي ڏيئي چيس، تہ اسرائيلي فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا، ۽ ماڻهن ۾ وڏو ڪوس ٿيو آهي، ۽ تنهنجا ٻئي پٽ، حفني ۽ فينحاس بہ مري ويا آهن، ۽ خدا جي صندوق بہ جهلجي ويئي آهي.


۽ هن ٻار جو نالو يڪبود رکيو، جو چيائين تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو: ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا.


۽ چوڻ لڳي تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو؛ ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ