Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:33 - Sindhi Bible

33 ۽ تنهنجي ماڻهن مان، جنهن کي آءٌ پنهنجي قربانگاهہ مان ڪڍي نہ ڇڏيندس، سو تنهنجين اکين ۾ باهہ، ۽ تنهنجي دل ڏکوئڻ وارو ٿيندو: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ جيڪي ماڻهو وڌندا سي جوانيءَ ۾ مري ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 تنهن هوندي بہ تنهنجي اولاد مان ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي آءٌ جيئرو رهڻ ڏيندس، جيڪو منهنجي قربان‌گاهہ جي خدمت ڪندو رهندو. پر اهو هن جي اکين کي ڳارڻ ۽ سندس دل کي ڏک ڏيڻ لاءِ هوندو، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي گھراڻي ۾ باقي جيڪو اولاد ڄمندو سو جوانيءَ ۾ ئي مري ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:33
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن ڏاند ۽ پاليل پهرو، ۽ گهڻيئي رڍون ذبح ڪيون آهن، ۽ بادشاهہ جي سڀني پٽن کي، ۽ ابياتر ڪاهن، ۽ يوآب سپهہ سالار کي سڏيو اٿس: پر تنهنجي ٻانهي سليمان کي هن ڪين سڏيو آهي.


هن يوآب بن ضروياہ، ۽ ابياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي: ۽ هو ادونياہ جي پٺيان لڳي سندس مدد ڪرڻ لڳا.


تہ آءٌ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندس؛ آءٌ اوهان تي خوف نازل ڪندس، يعني سلهہ ۽ تپ، جو اوهانجون اکيون چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندو: ۽ اوهان جو ٻج ڇٽڻ اجايو ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جا دشمن کائيندا.


۽ جيڪا بہ دولت خدا اسرائيل کي ڏيندو تنهن ۾ تون منهنجي گهر جي مصيبت ڏسندين: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ هميشہ لاءِ ڪوبہ پير مرد ڪونہ ٿيندو.


۽ اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي، جا تنهنجن ٻن پٽن، حفني ۽ فنحاس تي ايندي؛ هڪڙي ئي ڏينهن اُهي ٻئي مري ويندا.


۽ بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ تون ڦر، ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر، تڏهن دوئيگ ادومي ڦري ڪاهنن تي حملو ڪيو، ۽ انهي ڏينهن هن پنجاسي ماڻهو ماريا، جن کي سڻيءَ جي ڪپڙي جو افود پيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ