Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:30 - Sindhi Bible

30 تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:30
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري خداوند سليمان کي چيو تہ جنهن صورت ۾ تو ائين ڪيو آهي، ۽ منهنجي عهد اقرار تي، ۽ منهنجن جاري ڪيل قاعدن تي سنڀالي نہ هليو آهين، تنهن صورت ۾ آءٌ ضرور توکان اها بادشاهت کسي وٺندس، ۽ تنهنجي نوڪر کي ڏيندس.


انهيءَ طرح سليمان ابياتر کي خداوند جي ڪاهن ٿيڻ کان ڪڍي ڇڏيو: انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند جو اهو ڪلام پورو ڪري جو هن سيلا ۾ عيلي جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو هو.


۽ انهيءَ بابت جا عزت تنهنجي ٻانهي کي ملي آهي، دائود وڌيڪ ٻيو ڇا چوي؟ ڇالاءِ جو تون پنهنجي ٻانهي کي ڄاڻين ٿو.


۽ هو نڪري وڃي آسا کي گڏيو ۽ چيائينس تہ اي آسا، ۽ سڀ يهوداہ ۽ بنيمين، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو: خداوند اوهان ساڻ آهي، جيستائين ڪ اوهين هن ساڻ رهندا؛ ۽ جيڪڏهن اوهين انهيءَ کي ڳوليندا تہ انهيءَ کي لهندا؛ پر جي اوهين انهيءَ کي ڇڏيندا، تہ هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


سي سڀ هن جي پٺيان ويا: ۽ انهن بادشاهہ عزياہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ اي عزياہ اهو تنهنجو ڪم ناهي تہ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، پر اهو هارون جي پٽن، يعني ڪاهنن جو ڪم آهي، جي لوبان ساڙڻ لاءِ پاڪ ڪيا ويا آهن: پاڪ جاءِ مان نڪري وڃ؛ ڇالاءِ جو تو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ انهيءَ مان خداوند خدا جي طرفان توکي عزت حاصل نہ ٿيندي.


هن مون کي ڪڍي هڪڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ آندو؛ هن مون کي ڇڏايو، ڇالاءِ جو هو مون مان خوش هو. خداوند مون کي منهنجي راستبازيءَ موجب انعام ڏنو؛ ۽ منهنجي هٿن جي صفائيءَ موجب مونکي عيوضو ڏنائين.


پاڪ ماڻهن سان تون پاڪ آهين؛ ۽ ڏنگي سان تون ڏنگو آهين.


جيڪو شڪرگذاريءَ جي قرباني پيش ٿو ڪري سو منهنجو جلال ظاهر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو پنهنجي چال چلن برابر ٿو رکي تنهن کي آءٌ خداوند جي نجات ڏيکاريندس.


جيئن ڪو ماڻهو جاڳي خواب کي ڀلجيو وڃي، تيئن جڏهن تون جاڳندين تڏهن انهن جي شڪل کي حقير ڄاڻيندين.


ڇو جو هن مون سان دل لڳائي آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس ڇڏائيندس: هن منهنجو نالو سڃاتو آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس سرفراز ڪندس.


هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، يا پاڪ مڪان ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ قربانگاهہ جي ويجهو وڃن، تڏهن اهي سندن بت تي هجن، تہ متان اهي ڏوهاري ٺهرجن ۽ مري پون: اهو قانون هن جي لاءِ، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ تائين قائم رهي.


۽ تون انهن کي، يعني هارون ۽ سندس پٽن کي، چيلهہ تي ڪمربند ٻڌج، ۽ ٽوپيون پهرائج؛ تہ کين هميشہ جي قانون موجب ڪهانت جو حق حاصل ٿئي: ائين تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪج.


ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو.


انهيءَ کي مانُ ڏي ۽ هوءَ توکي وڌائيندي: جڏهن تون انهيءَ کي ڀاڪر وجهندين تڏهن اها توکي عزت وارو ڪندي.


جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي.


ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي قومن ۾ ننڍو ۽ ماڻهن ۾ حقير ڪيو آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ انهن ڌنارن جي برخلاف آهيان؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون انهن کان ڇڪي وٺندس، ۽ رڍن چارڻ کان انهن کي موقوف ڪندس؛ نڪي اُهي ڌنار وري اڳتي پنهنجو پيٽ ڀريندا؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون هنن جي وات مان ڇڏائيندس، تہ هو انهن جو قوت نہ ٿين.


۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي:


لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟


ڏسو، آءٌ اوهان جي خاطر ٻج کي ڇينڀيندس، بلڪ اوهان جي قربانين جو ڇيڻو اوهان جي منهن تي پکيڙيندس؛ ۽ اوهين اُنهي سان هڪاليا ويندا.


پر سڄو مهينو کائيندا، جيسين ڪ اهو اوهانجين ناسن مان نڪري، ۽ اوهين انهي مان ڪڪ ٿي پئو؛ ڇالاءِ جو اوهان انهي خداوند جي حقارت ڪئي آهي، جو اوهان منجهہ آهي، ۽ انهي جي اڳيان روئي چيو اٿوَ تہ اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.


جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، ۽ جنهن ملڪ ۾ آءٌ بہ ٿو رهان، تنهن کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند بني اسرائيل جي وچ ۾ ٿو رهان.


جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري، تہ منهنجي پٺيان اچي؛ ۽ جتي آئون آهيان، اتي منهنجو خدمتگار بہ هوندو: جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري تہ اُنهي کي پيءُ عزت ڏيندو.


تہ سڀيئي پٽ جي عزت ڪن، جهڙيءَ طرح ڪ پيءُ جي عزت ٿا ڪن. جيڪو پٽ جي عزت نٿو ڪري، سو پيءُ جي عزت نٿو ڪري، جنهن هن کي موڪليو آهي.


اوهين جي هڪ ٻئي کان وڏائي ٿا گهُرو، پر اها وڏائي جا هڪڙي ئي خدا کان ٿي ملي تنهن جي ڳولا نٿا ڪريو، سي ڀلا ڪيئن ايمان آڻي سگهندا؟


يسوع جواب ڏنو تہ مون ۾ ڀوت ڪونهي، پر آئون پنهنجي پيءُ جي عزت ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجي بي عزتي ٿا ڪريو.


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.


تڏهن وڻن انجير جي وڻ کي چيو تہ تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ