Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:29 - Sindhi Bible

29 سو منهنجي قرباني ۽ منهنجو نذرانو، جنهن جي لاءِ مون حڪم ڪيو آهي تہ منهنجي گهر ۾ پيش ٿيندا رهن، تنهن کي لتون ڇو ٿا هڻو؛ ۽ تون پنهنجن پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏين، انهي لاءِ تہ هو منهنجي قوم اسرائيل جي سڀني قربانين مان جيڪي مکيہ آهن تن جو سڻڀ کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 اي عيلي! تون پنهنجي پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏئين؟ اوهين منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي سڀني قربانين مان عمدا حصا کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪريو ٿا. منهنجي انهن قربانين ۽ نذرانن، جن لاءِ مون حڪم ڪيو هو تہ اهي منهنجي گھر ۾ پيش ڪيا وڃن، تن ۾ اوهين ڇو ٿا اکيون وجھو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:29
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هيئن ٿيو تہ يهوآس بادشاهہ جي ٽيويهين ورهيہ تائين ڪاهنن گهر جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي هئي.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان.


۽ اوهان جَوَن جي مٺين لاءِ، ۽ ماني جي ٽڪرن لاءِ، منهنجي قوم ۾ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ انهن کي ماريو، جي مرڻ جا لائق ناهن؛ ۽ اُهي بچايو جي بچائڻ جا لائق نہ آهن: ۽ منهنجي قوم، جا ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ٿي، تنهن کي ڪوڙ ٻڌائڻ سان اوهين ائين ڪريو ٿيون.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ انهن ڌنارن جي برخلاف آهيان؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون انهن کان ڇڪي وٺندس، ۽ رڍن چارڻ کان انهن کي موقوف ڪندس؛ نڪي اُهي ڌنار وري اڳتي پنهنجو پيٽ ڀريندا؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون هنن جي وات مان ڇڏائيندس، تہ هو انهن جو قوت نہ ٿين.


اي آدمزاد، اسرائيل جي ڌنارن جي برخلاف نبوت ڪر؛ نبوت ڪري انهن کي، يعني انهن ڌنارن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي اسرائيل جي ڌنارن سان، جي پاڻ کي چارين ٿا! ڌنارن کي ائين نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ رڍن کي چارين؟


هو منهنجي قوم جي گناهہ تي گذران ڪن ٿا، ۽ انهن جي بدڪاريءَ تي پنهنجي دل لڳائين ٿا.


اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو: تون ڪنهن کي غريب سمجهي انهي جي پاس خاطري نہ ڪج، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي طرفداري ڪج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪج.


جيڪي نبي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لقمو چٻاڙيندي هو سلام ٿا پڪارين، پر جي ڪو سندن وات نٿو ڀري تہ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿا ٿين:


جيڪو پيءُ يا ماءُ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي، ۽ جيڪو پٽ يا ڌيءَ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي.


۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.


جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.


ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.


تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون.


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيو، تہ مون انهن کي نہ ڏٺو آهي؛ نڪي هن پنهنجن ڀائرن کي قبول ڪيو، نڪي هن خود پنهنجن ٻارن کي سڃاتو: ڇالاءِ جو انهن تنهنجي ڪلام تي عمل ڪيو آهي، ۽ اهي تنهنجي عهد کي مڃين ٿا.


پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ