Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:27 - Sindhi Bible

27 ۽ هڪڙو خدا جو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن تنهنجي پيءُ جو گهراڻو مصر ۾ فرعون جي گهراڻي جي ٻانهپ ۾ هو، تڏهن مون انهن کي ڏيکاري ڏني هئي يا نہ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايائين تہ ”ڇا جڏهن تنهنجي ڏاڏي هارون جو گھراڻو مصر ۾ فرعون جي غلاميءَ ۾ هو، تڏهن مون هارون کي ڏيکاري نہ ڏني هئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، هڪڙو خدا جو ٻانهو خدا جي حڪم سان يهوداہ مان بيت ايل ۾ آيو: ۽ يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي لوبان ساڙيو.


انهيءَ طرح سليمان ابياتر کي خداوند جي ڪاهن ٿيڻ کان ڪڍي ڇڏيو: انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند جو اهو ڪلام پورو ڪري جو هن سيلا ۾ عيلي جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو هو.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون سان مصر جي ملڪ ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ فسح جو قاعدو هيءُ آهي، تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان نہ کائي.


۽ خداوند هارون کي چيو تہ بيابان ۾ وڃي موسيٰ کي گڏج. سو هو ويو ۽ خدا جي جبل تي وڃي کيس گڏيو ۽ چميائينس.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.


پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.


ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


تڏهن انهيءَ زال اچي پنهنجي مڙس کي چيو تہ هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو، ۽ انهيءَ جي شڪل خدا جي فرشتي جي شڪل جهڙي هئي، ۽ ڏاڍي خوفناڪ هئي، ۽ مون هن کان نہ پڇيو تہ ڪٿان ٿو اچين، نڪي هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو:


تڏهن خداوند بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو: ۽ انهيءَ هنن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي مصر مان آندو، ۽ ٻانهپ جي گهر مان اوهان کي ڪڍي آيس؛


انهي ڏينهن جيڪي عيليءَ جي گهراڻي جي نسبت ۾ مون چيو آهي سو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهي جي برخلاف پورو ڪندس.


۽ هو افرائيم جي ڪوهستان مان ۽ سليسہ جي زمين مان لنگهندو گهمندو ويو، پر گڏهہ نہ لڌائين: پر هو سعليم جي زمين مان لنگهيا، تہ بہ اُتي گڏهہ نہ ملين: پوءِ هو بنيمينين جي زمين مان لنگهيو، تہ بہ گڏهہ نہ لڌن.


۽ هن چيس تہ هاڻي ڏس، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي، ۽ اُهو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي سڀ عزت ٿا ڏين؛ جيڪي هو چوي ٿو سو سڀ ٿيو پوي: هاڻي هل تہ اُتي هلون؛ شايد هو اسان کي ٻڌائي سگهي تہ ڪهڙو رستو وٺون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ