Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:22 - Sindhi Bible

22 هاڻي عيلي تمام ٻڍو هو؛ ۽ سندس پٽن جيڪي اسرائيل سان ٿي ڪيو، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در تي جيڪي زالون خدمت ڪنديون هيون تن سان ڪيئن هو سمهندا هئا، سو ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 عيلي هاڻي تمام پوڙهو ٿي ويو هو. هن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو، جيڪي سندس پٽن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سان ٿي ڪيو ۽ اهو بہ ٻڌائين تہ جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري انهيءَ مقدس خيمي جي در تي خدمت ڪنديون هيون تن سان هو سمهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:22
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل انهيءَ ملڪ ۾ رهيو پيو هو، تڏهن روبن پنهنجي پيءُ جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو، ۽ اسرائيل کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


يعقوب جي نسل جو احوال هن ريت آهي. جڏهن يوسف سترهن ورهين جو ٿيو، تڏهن پنهنجي ڀائرن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو، ۽ اُهو ڇوڪر پنهنجي پيءُ جي زالن بلهاہ ۽ زلفہ جي پٽن سان گڏ رهندو هو، ۽ انهن جي برن ڪمن جي خبر پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو.


۽ هن پتل جو هڪڙو حوض، ۽ انهي جي لاءِ پتل جي صندلي جوڙي؛ هن اهي جماعت واري تنبوءَ جي در تي، جيڪي زالون خدمت ڪنديون هيون، تن جي آرسين مان جوڙيا.


هن جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي، ۽ منهنجين پاڪ شين جي بي ادبي ڪئي اٿن. هنن پاڪ ۽ عام شين جي وچ ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي هنن ماڻهن کي پاڪ ۽ ناپاڪ شين جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪرايو آهي، ۽ هنن منهنجن سبتن کان پنهنجون اکيون لڪايون آهن، ۽ سبت جي ڏينهن منهنجي بي ادبي ٿي آهي.


۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين اهڙا ڪم ڇو ٿا ڪريو؟ ڇالاءِ جو آءٌ سڀني ماڻهن کان اوهانجن خراب ڪمن جي شڪايت ٿو ٻڌان.


ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سموئيل عمر رسيدہ ٿيو تڏهن هن پنهنجن پٽن کي اسرائيل جا قاضي مقرر ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ