Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:20 - Sindhi Bible

20 ۽ عيليءَ القانہ ۽ سندس زال کي دعا ڪري چيو تہ شل خداوند توکي اُنهي دعا جي ڪري، جا تو خداوند کان گهري هئي، هن زال مان اولاد ڏئي. پوءِ هو پنهنجي گهر هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ عيلي القانہ ۽ سندس زال کي دعا ڪندي چوندو هو تہ ”شل خداوند تو کي هن عورت مان انهيءَ ٻار جي عيوض ٻيا ٻار عطا ڪري، جيڪو تو خداوند کي وقف ڪري ڏنو آهي.“ انهيءَ کان پوءِ هو ٻئي موٽي گھر هليا ويندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي.


ڇا هن هڪڙي ئي زال پيدا نہ ڪئي، جيتوڻيڪ هن وٽ روح بچيل هو؟ پوءِ ڇو هڪڙي ئي پيدا ڪيائين؟ ڇالاءِ جو هن ديندار نسل ٿي چاهيو. انهي ڪري پنهنجي نفس کان خبردار رهو، ۽ ڪوبہ پنهنجي جوانيءَ جي زال سان بي وفائي نہ ڪري.


۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:


شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.


۽ جيڪي ماڻهو دروازي وٽ حاضر هئا تن سڀني، ۽ انهن بزرگن چيو تہ اسين شاهد آهيون. جيڪا زال تنهنجي گهر ۾ آئي آهي تنهن کي خداوند شل راخل ۽ لياہ جهڙي ڪري، جن ٻنهي اسرائيل جو گهر آباد ڪيو: ۽ تون افراتہ ۾ لياقت سان هلت ڪر، ۽ بيت الحم ۾ نالو ڪڍ؛


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ