Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:18 - Sindhi Bible

18 پر سموئيل ٻار هو، ۽ سڻيءَ جي ڪپڙي جو اُفود چيلهہ سان ٻڌي خداوند جي خدمت ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 انهن ڏينهن ۾ سموئيل جيڪو اڃا ٻار هو، سو سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پهري خداوند جي خدمت ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود خداوند جي اڳيان پنهنجي سڄي طاقت سان نچيو؛ ۽ دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو افود پيل هو.


۽ دائود، ۽ سڀ لاوي جن صندوق کنئي هئي، ۽ ڪنانياہ ڳائڻ وارن جو سردار، ۽ سڀ ڳائڻا جي ساڻس هئا، تن کي ڪتاني سڻيءَ جا جبا پيل هئا: ۽ دائود کي ڪتاني سڻيءَ جو افود پيل هو.


۽ اها پوشاڪ جا هو ٺاهين سا هيءَ آهي: هڪڙو سينہ بند، هڪڙو ايفود، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳڙي، ۽ هڪڙو ڪمربند: ۽ هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ پاڪ پوشاڪون ٺاهين، تہ منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن.


پوءِ هن کي پهراڻ پاتائين، ۽ ڪمربند ٻڌائينس، ۽ جبو ڍڪايائينس، ۽ مٿس اُفود وڌائين، ۽ اُفود وارو ڪاريگريءَ سان واڻيل ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌائينس، ۽ انهي کي ٻڌي قابو ڪيائين.


۽ اخياہ بن اخيطوب، جو يڪبود بن فينحاس، بن عيلي جو ڀاءُ هو، ۽ سيلا ۾ خداوند جو ڪاهن هو، سو بہ اُفود ڍڪيو ويٺو هو، ۽ ماڻهن کي ڪابہ خبر ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.


۽ القانہ، رامہ ڏي پنهنجي گهر ويو. ۽ اُهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.


۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، ۽ پنهنجي قربانگاهہ تي چڙهڻ لاءِ، ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي حضور ۾ اُفود ڍڪڻ لاءِ پسند ڪيو هو يا نہ؟ ۽ بني اسرائيل جون سڀ ساڙڻ واريون قربانيون تنهنجي پيءُ جي گهراڻي کي ڏنيون هيون يا نہ؟


۽ بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ تون ڦر، ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر، تڏهن دوئيگ ادومي ڦري ڪاهنن تي حملو ڪيو، ۽ انهي ڏينهن هن پنجاسي ماڻهو ماريا، جن کي سڻيءَ جي ڪپڙي جو افود پيل هو.


۽ اهو ڇوڪر سموئيل عيليءَ جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو هو، ۽ خداوند جو ڪلام انهن ڏينهن ۾ ڪامياب هو؛ ڪو ظاهر ظهور رويا نہ ٿيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ