Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:17 - Sindhi Bible

17 ۽ انهن جوان ماڻهن جو گناهہ خداوند جي اڳيان تمام وڏو هو: ڇالاءِ جو ماڻهو خداوند جي قربانيءَ کان نفرت ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 عيليءَ جي انهن جوان پٽن جو هي گناهہ خداوند جي آڏو تمام وڏو هو، ڇاڪاڻ تہ اهي خداوند جي قربانيءَ جي بي‌حرمتي ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو خداوند جي اڳيان هڪڙو شڪاري پهلوان هو، انهيءَ ڪري اها چوڻي ٿي ويئي تہ خداوند جي اڳيان نمرود جهڙو شڪاري پهلوان.


هاڻي سدوم جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ تمام بدڪار ۽ گنهگار هئا.


پر زمين خدا جي نظر ۾ بگڙيل ۽ ظلم سان ڀريل هئي.


۽ هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو، ۽ فالون وجهارايائين، ۽ جادو ڪم ۾ آندائين، ۽ جن کي جن اُپندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻن سان واهپو رکيائين: هن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ سندس نظر ۾ گهڻي خرابي ڪئي.


مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ خراب آهي سو ڪيو اٿم: تہ جڏهن تون ڳالهائين تڏهن سچار ثابت ٿين، ۽ جڏهن انصاف ڪرين تڏهن بي عيب هجين.


ڇالاءِ جو يروشلم فنا ٿي ويو آهي، ۽ يهوداهہ ڪري پيو آهي، ڇالاءِ جو سندن زبان ۽ سندس ڪم خداوند جي برخلاف آهن، ۽ هو هن جي جلال جي اکين کي ڪاوڙائين ٿا.


۽ وري اوهين هيئن ٿا ڪريو: اوهين خداوند جي قربانگاهہ لڙڪن سان، يعني رودن ۽ آهن سان ڀري ٿا ڇڏيو؛ جنهنڪري نڪي هو اوهان جو نذرانو ڏسندو، ۽ نڪي اُنهي کي اوهان جي هٿان خوشيءَ سان قبول ڪندو.


گمراهيءَ ڪري دنيا تي افسوس آهي! ڇالاءِ جو گمراهي تہ ضرور ٿيندي: پر افسوس اُنهي ماڻهو تي جو گمراهہ ٿو ڪري!


۽ جيڪڏهن اُهو ماڻهو هن کي چوندو تہ هو هينئر ضرور چرٻي ساڙيندا، پوءِ جيترو تنهنجي دل چوي اوترو وٺ؛ تہ هو چوندو هو تہ نہ، مون کي ضرور هينئر ڏي، نہ تہ آءٌ زوريءَ وٺندس.


ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ