Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:15 - Sindhi Bible

15 هاڻي چرٻي ساڙڻ کان اڳي ڪاهن جو نوڪر ايندو هو، ۽ قرباني ڪندڙ کي چوندو هو تہ ڪاهن جي لاءِ ڀڃڻ واسطي گوشت ڏي؛ ڇالاءِ جو هو توکان اُٻاريل گوشت نہ وٺندو، پر ڪچو وٺندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر عيليءَ جا پٽ ان جي ابتڙ چرٻي ساڙڻ کان اڳ ۾ ئي نوڪر کي موڪليندا هئا جيڪو قرباني ڪندڙ کي چوندو هو تہ ”ڪاهن جي لاءِ ڪباب ڪرڻ واسطي گوشت ڏي، هن کي اٻريل گوشت نہ بلڪ ڪچو گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:15
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين انهيءَ مان ڪي بہ ڪچو، يا پاڻيءَ ۾ ٻاڦي نہ کائجو، پر انهيءَ جي منڍي، پاون ۽ آنڊن سميت باهہ تي پچائي کائجو.


۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا چڱي خوشبوءِ لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي: سڀ چرٻي خداوند جي آهي.


ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.


جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي.


هي جڏهن اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا، تڏهن اوهان جي محبت جي مجلسن ۾ لڪل ڇپون آهن، ۽ بنا ڊپ ڊاءَ جي پنهنجي پيٽ ڀرڻ وارا ڌنار آهن؛ ۽ بي پاڻيءَ ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. سرءُ جي موسم جا وڻ آهن جن ۾ ڦل ڪونهي، ۽ اصل ئي سُڪل ۽ پاڙون پٽيل آهن.


اُهو هو تئيءَ، يا ديڳڙي، يا ديڳ، يا ٿانوَ ۾ وجهندو هو؛ ۽ جيڪو گوشت ڪنڍي سان ٻاهر نڪري ايندو هو سو سڀ ڪاهن کڻندو هو؛ انهي طرح سيلا ۾ جيڪي اسرائيلي ايندا هئا تن سڀني سان هو ائين ڪندا هئا.


۽ جيڪڏهن اُهو ماڻهو هن کي چوندو تہ هو هينئر ضرور چرٻي ساڙيندا، پوءِ جيترو تنهنجي دل چوي اوترو وٺ؛ تہ هو چوندو هو تہ نہ، مون کي ضرور هينئر ڏي، نہ تہ آءٌ زوريءَ وٺندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ