Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:14 - Sindhi Bible

14 اُهو هو تئيءَ، يا ديڳڙي، يا ديڳ، يا ٿانوَ ۾ وجهندو هو؛ ۽ جيڪو گوشت ڪنڍي سان ٻاهر نڪري ايندو هو سو سڀ ڪاهن کڻندو هو؛ انهي طرح سيلا ۾ جيڪي اسرائيلي ايندا هئا تن سڀني سان هو ائين ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اها هو ڪڙاهي، ديڳڙي، ديڳ يا ڪُنيءَ ۾ هڻندو هو، پوءِ جيڪو گوشت ٽيانگھيءَ ۾ اٽڪي پوندو هو سو سڀ ڪاهن کڻندو هو. اهڙيءَ طرح سيلا شهر ۾ جيڪي بہ بني اسرائيل مقدس خيمي وٽ ايندا هئا تن سڀني سان هو ائين ئي ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:14
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، اهي هٻڇي ڪتا آهن، جي ڪڏهن بہ ڍاپن نٿا؛ هي اُهي ڌنار آهن، جن کي ڪابہ سمجهہ ڪانهي: اُهي سڀيئي هر ڪنهن طرفان پنهنجي فائدي جي لاءِ پنهنجي رستي تي موٽي آيا آهن.


ڇالاءِ جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان، لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران، هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن، ۽ اهو هنن جو حق بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ رهندو.


جي منهنجي اُمت جو گوشت ٿا کائو ۽ هنن جي کل لاهي ٿا وٺو ۽ هنن جا هڏا ڀڃي ٿا ڇڏيو: هائو، بلڪ هنن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ٿا ڪريو، جيئن رڌڻ جي ٿانوَ لاءِ ڪبو آهي، ۽ ديڳ ۾ گوشت ٿيندو آهي.


شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس.


۽ ڪاهنن جو ماڻهن سان اهو دستور هوندو هو، تہ جڏهن ڪو ماڻهو قرباني پيش ڪندو هو تڏهن گوشت پچندي ڪاهن جو نوڪر ڪنڍو هٿ ۾ کڻي ايندو هو؛


هاڻي چرٻي ساڙڻ کان اڳي ڪاهن جو نوڪر ايندو هو، ۽ قرباني ڪندڙ کي چوندو هو تہ ڪاهن جي لاءِ ڀڃڻ واسطي گوشت ڏي؛ ڇالاءِ جو هو توکان اُٻاريل گوشت نہ وٺندو، پر ڪچو وٺندو.


سو منهنجي قرباني ۽ منهنجو نذرانو، جنهن جي لاءِ مون حڪم ڪيو آهي تہ منهنجي گهر ۾ پيش ٿيندا رهن، تنهن کي لتون ڇو ٿا هڻو؛ ۽ تون پنهنجن پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏين، انهي لاءِ تہ هو منهنجي قوم اسرائيل جي سڀني قربانين مان جيڪي مکيہ آهن تن جو سڻڀ کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ