Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:1 - Sindhi Bible

1 ۽ حنہ دعا گهري، ۽ چيائين: تہ منهنجي دل خداوند ۾ نهايت خوش آهي، منهنجو سڱ خداوند ۾ مٿي ڪيل آهي: منهنجو وات منهنجن دشمنن تي ڪشادو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ڇوٽڪاري ۾ خوش آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 حنہ دعا گھرندي چيو تہ ”خداوند منهنجيءَ دل کي خوشيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، خداوند منهنجي طاقت کي زور وٺايو آهي. آءٌ پنهنجي دشمنن مٿان خوشيءَ وچان کلان ٿي پئي، ڇوجو مون کي ڇڏائڻ سان هن منهنجو من سرهو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:1
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ هو سڀ، يعني يهوداہ ۽ يروشلم جا سڀ ماڻهو ۽ سندن اڳيان يهوسفط خوشيون ڪندا يروشلم ڏي موٽيا؛ ڇالاءِ جو خداوند هنن کي سندن دشمنن تي شادمان ڪيو.


۽ متنياہ، بن ميڪا، بن زبدي، بن آسف، جو شڪرگذاريءَ جي عبادت شروع ڪرڻ وقت پيشوا هوندو هو، ۽ بقبوقياہ جو ان جي ڀائرن مان ٻيو هو؛ ۽ عبدا بن سموع، بن جلال، بن يدوتون.


مون پنهنجي کل تي کٿو سبيو آهي، ۽ پنهنجو سڱ مٽيءَ ۾ رکيو اٿم.


خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجو گيت آهي؛ ۽ اهو ئي منهنجي نجات ٿيو آهي.


پر مون تنهنجي رحم تي ڀروسو رکيو آهي: منهنجي دل تنهنجيءَ نجات ۾ سرهي ٿيندي:


هن پنهنجن سڀني مقدسن، يعني پنهنجي ويجهي اُمت بني اسرائيل جي وڏائيءَ جي لاءِ سندن سڱ مٿي ڪيو آهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.


اسين تنهنجي نجات ۾ خوشيون ڪنداسين ۽ پنهنجي خدا جي نالي تي جهنڊا کوڙينداسين: شل خداوند تنهنجا مڙيئي عرض اگهائي.


تو هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي، ۽ سندس زبان جو عرض رد نہ ڪيو اٿيئي.


پر منهنجي جان خداوند ۾ خوش رهندي: ۽ انهي جي نجات ۾ سرهي ٿيندي.


اي خداوند تون منهنجن چپن کي کول؛ تہ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.


منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجي تعريف، ۽ تنهنجي شان جي ڳالهين سان ڀرپور رهندو.


آءٌ بڇڙن جا سڀيئي سڱ بہ وڍي ڇڏيندس؛ پر راستبازن جا سڱ بلند ڪيا ويندا.


ڇو جو تون انهن جي طاقت جو شان آهين: ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي ڪري اسان جو سڱ مٿي ٿيندو.


ڇو تہ اسان جي ڍال خداوند وٽان آهي؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسرائيل جي قدوس جي طرفان آهي.


پر منهنجي وفاداري ۽ منهنجو رحم ساڻس رهندو؛ ۽ منهنجي نالي ڪري هن جو سڱ مٿي ٿيندو.


تہ آءٌ صيون جي ڌيءَ جي دروازن ۾ تنهنجي سڀ تعريف ظاهر ڪريان؛ آءٌ تنهنجيءَ نجات جي ڪري سرهو ٿيندس.


پر تو منهنجو سڱ سان جي سڱ وانگي مٿي ڪيو آهي: آءٌ تازي تيل سان مسح ٿيو آهيان.


تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.


۽ مريم هن ريت هنن جي راڳ جو جواب ڏنو: اوهين خداوند جي تعريف ڳايو، ڇالاءِ جو هن وڏي فتح حاصل ڪئي آهي؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سميت سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.


حبقوق نبيءَ جي دعا، جا شگايونوت جي سُر تي آهي.


تہ بہ آءٌ خداوند جي ڪري خوشي ڪندس، آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي ڪري سرهو ٿيندس.


۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي گهراڻي ۾، اسان لاءِ نجات جو سڱ کڙو ڪيو اٿس،


۽ نہ رڳو ايترو، پر اسين خدا ۾ پنهنجي خداوند يسوع جي سبب ڏاڍي خوشي ٿا ڪريون، جنهن جي وسيلي هاڻ اسان جو ميل ميلاپ ٿي چڪو آهي.


هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


هميشہ خداوند ۾ خوش رهو، وري بہ ٿو چوان تہ خوش رهو.


ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو؛ پر جيڪو بہ عرض ڪريو، سو دعا ۽ منٿ سان شڪرگذاري سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪريو.


بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


۽ هن جي پهاڄ کيس ڏاڍو ستائيندي هئي، تہ ڀلي تہ هوءَ ڪنجهي ڪُرڪي، جو خداوند هن کي ٻار ڄڻڻ کان روڪي ڇڏيو هو.


۽ سال بسال جڏهن هوءَ خداوند جي گهر ڏي ويندي هئي تڏهن هن کي چيڙائيندي هئي: تنهنڪري هوءَ روئندي هئي، ۽ ماني ڪين کائيندي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ