Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 19:9 - Sindhi Bible

9 پر هڪڙو بدروح خداوند وٽان سائول تي آيو ۽ انهي مهل هو پنهنجي گهر ۾ نيزو هٿ ۾ کنيو ويٺو هو؛ ۽ دائود پنهنجي هٿ سان ساز ويٺي وڄايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ هڪڙي ڏينهن وري خداوند جي طرفان هڪڙو ستائيندڙ روح سائول تي اچي نازل ٿيو. انهيءَ وقت هو پنهنجي گھر ۾ نيزو هٿ ۾ کنيو ويٺو هو ۽ دائود سُرندو ويٺي وڄايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 19:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند انهيءَ کي چيو تہ ڇا سان؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ نڪري وڃي هن جي سڀني نبين جي وات ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح ٿيندس. ۽ هن چيو تہ تون هن کي ڌتاريندين ۽ غالب بہ ٿيندين: وڃ، وڃي ائين ڪر.


هاڻي خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو، ۽ هڪڙو بڇڙو روح خداوند وٽان اچي هن کي ستائڻ لڳو.


۽ سائول جي نوڪرن کيس چيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان اچي توکي ستائي ٿو.


هاڻي اسان جا سائين تنهنجا نوڪر جي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن تن کي حڪم ڏي تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچن جو بربط وڄائڻ ۾ هوشيار هجي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اهو بدروح خداوند وٽان توتي ايندو، تڏهن اُهو پنهنجي هٿ سان بربط وڄائيندو ۽ تون چڱو ڀلو ٿيندين.


۽ وري جنگ لڳي: ۽ دائود نڪري وڃي فلستين سان وڙهيو، ۽ انهن ۾ وڏو ڪوس وڌائين؛ ۽ هو سندس اڳيان اُٿي ڀڳا.


۽ سائول ٻڌو تہ دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن جو پتو پيو آهي: هاڻي سائول رامہ ۾ لئيءَ جي وڻ هيٺ جبعہ ۾ ويٺو هو، ۽ نيزو هٿ ۾ هوس، ۽ سندس سڀ نوڪر آس پاس بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ