Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 19:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن يونتن دائود کي سڏايو، ۽ اُهي سڀ ڳالهيون هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ يونتن دائود کي سائول وٽ وٺي آيو، ۽ اڳي وانگر هو سندس حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن يونتن دائود کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون کيس بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو دائود کي سائول وٽ وٺي آيو ۽ اڳي وانگر دائود سائول جي حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 19:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب لابن جي منهن ڏانهن نظر ڪئي ۽ هن جو رخ پاڻ ڏانهن اڳئين جهڙو نہ ڏٺائين.


گذريل وقت ۾، جڏهن سائول بادشاهہ هوندو هو، تڏهن بہ اُهو تون ئي هئين جنهن اسان کي وٺي اسرائيل ۾ آندو: ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل کي کارائيندي پياريندين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين.


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.


۽ دائود سائول وٽ آيو، ۽ اڳيان اچي بيهي رهيس: ۽ هو انهي کي ڏاڍو وڻيو ۽ سندس زرهہ بردار ٿيو.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان ڏاڍي زور سان سائول تي آيو، ۽ هو پنهنجي گهر ۾ هل مچائڻ لڳو: ۽ دائود ساز وڄائڻ لڳو، جيئن هو روز بروز ڪندو هو. ۽ سائول جي هٿ ۾ سندس نيزو هو.


تنهنڪري سائول هن کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هن کي هڪڙي هزار جو سردار کڻي ڪيو هئائين؛ ۽ هو ماڻهن جي روبرو ايندو ويندو هو.


۽ سائول هن کي انهيءَ ڏينهن کان وٺي پاڻ وٽ رکيو، ۽ وري هن کي سندس پيءُ جي گهر وڃڻ نہ ڏنائين.


۽ سائول يونتن جي ڳالهہ ٻڌي: ۽ سائول خداوند جيئري جو قسم کڻي چيو تہ هو قتل ڪونہ ڪيو ويندو.


۽ وري جنگ لڳي: ۽ دائود نڪري وڃي فلستين سان وڙهيو، ۽ انهن ۾ وڏو ڪوس وڌائين؛ ۽ هو سندس اڳيان اُٿي ڀڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ