Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 19:4 - Sindhi Bible

4 ۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي، ۽ چيائينس تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي، يعني دائود جي حق ۾ گناهہ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تنهنجي حق ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، ۽ هن تنهنجي لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي ۽ چيائينس تہ ”بادشاهہ سلامت پنهنجي ٻانهي دائود سان بدي نہ ڪري، ڇو تہ هن اوهان جو ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، بلڪ هن تہ اوهان لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 19:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن روبن ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ مون اوهان کي ڪين ٿي چيو تہ هن ٻار سان ظلم نہ ڪريو، پر اوهان نہ مڃيو، تنهن ڪري ڏسو، هاڻي هن جي خون جو بدلو ورتو ٿو وڃي.


جيڪو ماڻهوءَ جو رت وهائيندو تنهن جو رت ماڻهوءَ جي هٿان وهايو ويندو، ڇالاءِ جو خدا انسان کي پنهنجيءَ صورت تي جوڙيو آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جو گناهہ ڪري، ۽ هن تي زور رکيو وڃي تہ هو قسم کڻي، ۽ جڏهن هو اچي هن گهر ۾ تنهنجي قربانگاهہ جي اڳيان قسم کڻي:


اُهي مون سان نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن، جنهن ڪري منهنجي جان لاچار ٿيو پوي.


بنا ڪنهن ڏوهہ جي اهي مون تي ڊوڙي سنبريو اچن: تون منهنجي مدد جي لاءِ جاڳ ۽ نظر ڪر.


جيڪو چڱائيءَ جي بدران بڇڙائي ڪري ٿو، تنهن جي گهر کان بڇڙائي ڪڏهن بہ پري نہ ويندي.


ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان.


انهيءَ طرح جڏهن اوهين ڀائرن جو گناهہ ٿا ڪريو، ۽ هنن جي ڪمزور دلين کي زخمي ٿا ڪريو، تڏهن اوهين مسيح جا گنهگار ٿا ٿيو.


جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو خوني آهي: ۽ اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ خونيءَ ۾ هميشہ جي زندگي ڪانهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي جو ڏوهہ ڪندو، تہ خدا انهي جو انصاف ڪندو: پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جو گناهہ ڪندو، تہ ڪير اُنهي جي لاءِ شفاعت ڪندو؟ تنهن هوندي بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي مارڻ ٿي گهريو.


۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڇو هن کي قتل ڪرڻ گهرجي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟


تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن سڀني نوڪرن مان دائود جهڙو ايماندار ڪير آهي، جو بادشاهہ جو ناٺي آهي، ۽ تنهنجي درٻار ۾ شامل آهي، ۽ تنهنجي گهر ۾ عزت وارو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ