Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 19:18 - Sindhi Bible

18 هاڻي دائود جان بچائي اُٿي ڀڳو ۽ رامہ ۾ سموئيل وٽ آيو، ۽ جيڪي سائول ساڻس ڪيو هو سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو ۽ سموئيل وڃي نيوت ۾ رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اهڙيءَ طرح دائود جان بچائي ڀڄي نڪتو ۽ رامہ شهر ۾ سموئيل وٽ اچي پهتو. کيس اهو سڀ جيڪو سائول ساڻس ڪيو هو، سو بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو ۽ سموئيل نيوت نالي هنڌ ڏانهن ويا ۽ اتي ئي رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 19:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون تڪڙ ڪري چيو، تہ سڀيئي ماڻهو ڪوڙا آهن.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گهُرو تہ شفا پايو. راستباز ماڻهوءَ جي دعا جو گهڻو اثر ٿو ٿئي.


۽ هو صبح جو سوير اُٿي خداوند جي اڳيان سجدو ڪري، موٽي پنهنجي گهر رامہ ۾ آيا: ۽ القانہ پنهنجي زال حنہ سان صحبت ڪئي؛ ۽ خداوند هن کي ياد ڪيو.


تنهن کان پوءِ سموئيل رامہ ڏي ويو؛ ۽ سائول پنهنجي گهر، سائول واري جبعہ ڏي ويو.


۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود رامہ منجهہ نيوت ۾ آهي.


تڏهن هو بہ رامہ ڏي ويو، ۽ جيڪو وڏو کوهہ سيڪو ۾ آهي انهي تي آيو: ۽ هو پڇڻ لڳو تہ سموئيل ۽ دائود ڪٿي آهن؟ ۽ هڪڙي چيس تہ ڏس هو رامہ منجهہ نيوت ۾ آهن.


۽ هو اوڏي رامہ منجهہ نيوت ڏي ويو، ۽ خدا جو روح هن تي بہ آيو، ۽ هو بہ نبوت ڪندو ويو، جيسين هو رامہ منجهہ نيوت ۾ پهتو.


۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟


۽ اڪيس جي نوڪرن هن کي چيو تہ هي ملڪ جو بادشاهہ دائود ناهي ڇا؟ جنهن جي بابت نچندي هنن هڪٻئي کي ٿي چيو تہ سائول هزارن کي ماريو آهي ۽ دائود لکن کي؟


هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو.


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ