Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 19:17 - Sindhi Bible

17 ۽ سائول ميڪل کي چيو تہ ڇو تو مون کي هن طرح ٺڳيو آهي، ۽ منهنجي دشمن کي ڀڄائي ڇڏيو اٿيئي، جنهنڪري هو بچي ويو آهي؟ ۽ ميڪل سائول کي ورندي ڏني تہ هن مون کي چيو تہ مون کي وڃڻ ڏي: ڇو آءٌ توکي ماري وجهان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ سائول ميڪل کان پڇيو تہ ”تو مون سان ههڙي ٺڳي ڇو ڪئي، جو منهنجي دشمن کي ڀڄائي ڇڏيئِہ ۽ هو بچي ويو؟“ ميڪل سائول کي ورندي ڏني تہ ”هن مون کي چيو تہ ’مون کي وڃڻ ڏي نہ تہ آءٌ تو کي ماري ڇڏيندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 19:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم جا نوڪر انهيءَ گهر ۾ انهيءَ زال وٽ آيا؛ ۽ چوڻ لڳا تہ اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟ ۽ انهيءَ زال ورندي ڏني تہ هو نهر جي پار لنگهي ويا؛ پوءِ هنن انهن کي ڳولهيو پر نہ لڌائون، تڏهن هو موٽي يروشلم ۾ آيا.


۽ ابنير وري عساهيل کي چيو تہ منهنجي پٺيان نہ اچ، ٻئي پاسي وڃ: ڇو توکي ماري زمين تي ڪيرائي وجهان؟ پوءِ ڪيئن تنهنجي ڀاءُ يوآب جي اڳيان منهن مٿي کڻي سگهندس؟


۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.


تڏهن هاڻي اوهان کي سچ چوڻ ڪري آئون اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان ڇا؟


۽ جڏهن سائول دائود جي پڪڙڻ لاءِ قاصد موڪليا تڏهن ميڪل چيو تہ هو بيمار آهي.


۽ جڏهن قاصد اندر لنگهي آيا تڏهن ڏسو تہ بت هنڌ ۾ پيو هو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جو وهاڻو انهي جي سيرانديءَ تي هو.


۽ بادشاهہ پنهنجي آس پاس بيٺل پهري وارن کي چيو تہ ڦرو ۽ خداوند جي ڪاهنن کي قتل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هنن جو هٿ بہ دائود سان آهي، ۽ ڇالاءِ تہ هنن کي خبر هئي تہ هو ڀڳل آهي پر هنن اها ڳالهہ مون کي ظاهر ڪري نہ ٻڌائي. پر بادشاهہ جي نوڪرن خداوند جي ڪاهنن تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.


۽ جڏهن انهي زال سموئيل کي ڏٺو تڏهن وڏي آواز سان رڙ ڪيائين: ۽ انهي زال سائول کي چيو تہ تو مون سان ڇو ٺڳي ڪئي آهي؟ ڇالاءِ جو تون سائول آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ