12 پوءِ ميڪل دائود کي دريءَ مان هيٺ لاهي ڇڏيو، ۽ هو هليو ويو، ۽ ڀڄي جند ڇڏايائين.
12 پوءِ ميڪل دائود کي دريءَ مان هيٺ لاهي ڇڏيو. سو هو هليو ويو ۽ ڀڄي جند ڇڏايائين.
۽ ابي سلوم جا نوڪر انهيءَ گهر ۾ انهيءَ زال وٽ آيا؛ ۽ چوڻ لڳا تہ اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟ ۽ انهيءَ زال ورندي ڏني تہ هو نهر جي پار لنگهي ويا؛ پوءِ هنن انهن کي ڳولهيو پر نہ لڌائون، تڏهن هو موٽي يروشلم ۾ آيا.
راستباز جا ڏک گهڻا ئي آهن: پر خداوند هن کي انهن سڀني کان ڇڏائي ٿو.
تڏهن هن دريءَ مان رسو ٻڌي هنن کي هيٺ لاٿو: ڇالاءِ جو سندس گهر شهر جي ديوار تي هو، ۽ پاڻ مٿس رهندي هئي.
هاڻي سائول جا پٽ يونتن، ۽ اسوي، ۽ ملڪيشوع هئا؛ ۽ هن جي ٻن ڌيئرن جا نالا هي آهن؛ پهرين ڄاول جو نالو ميرب، ۽ ننڍيءَ جو نالو ميڪل: