9 ۽ انهي ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي اک ۾ رکيو.
9 انهيءَ ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي حسد جي نگاهہ سان ڏسڻ لڳو.
۽ يعقوب لابن جي منهن ڏانهن نظر ڪئي ۽ هن جو رخ پاڻ ڏانهن اڳئين جهڙو نہ ڏٺائين.
ڪاوڙ ظلم جهڙي آهي ۽ غصو جوش جهڙو آهي، پر ريس جي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟
تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.
مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟
چوريون، خون، زناڪاريون، لالچون، بڇڙايون، ٺڳي، شهوت پرستي، بدنظري، گلاخوري، مغروري، بيوَقوفي:
نڪي شيطان کي موقعو ڏيو.
اي ڀائرو، هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان ڏوهاري ٺهرو: ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.
۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان ڏاڍي زور سان سائول تي آيو، ۽ هو پنهنجي گهر ۾ هل مچائڻ لڳو: ۽ دائود ساز وڄائڻ لڳو، جيئن هو روز بروز ڪندو هو. ۽ سائول جي هٿ ۾ سندس نيزو هو.
تڏهن سائول ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ انهي گفتي ڪري هو رنج ٿيو؛ ۽ هن چيو تہ دائود جي نسبت ۾ هو لک ٿيون چون، ۽ منهنجي نسبت ۾ فقط هزار ٿيون چون: ۽ هاڻي هن کي بادشاهيءَ کان سواءِ باقي ٻيو ڇا گهرجي؟
۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو.