Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هيئن ٿيو تہ هنن جي اچڻ مهل جڏهن دائود فلستيءَ کي قتل ڪري موٽي آيو تڏهن اسرائيل جي سڀني شهرن مان زالون خوشيءَ مان ڳائينديون، ۽ نچنديون، دف ۽ ٻين وڄائڻ جي سازن سان بادشاهہ سائول جي استقبال لاءِ نڪري آيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 دائود جي فلستي جالوت کي قتل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن لشڪر پنهنجي گھرن ڏانهن واپس اچي رهيو هو، تڏهن بني اسرائيل جي سڀني شهرن مان عورتون خوشيءَ جا گيت ڳائينديون، نچنديون ۽ دڦ ۽ تار وارا ساز وڄائينديون سائول بادشاهہ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جات ۾ اها ڳالهہ نہ ٻڌاءِ، اسقلون جي گهٽين ۾ اها پڌري نہ ڪر؛ تہ متان فلستين جون ڌيئرون خوشيون ڪن، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون فخر ڪن.


۽ دائود ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو، هر قسم جا ساز، جي صنوبر جي ڪاٺيءَ مان جڙيل هئا، يعني بربط، سنطور، دف، ڪَنجهيون، ۽ جانجهہ وڄائيندا خداوند جي اڳيان هليا.


ڀلي تہ اهي نچندي هن جي نالي جي تعريف ڪن: ۽ هن جي حضور ۾ دف ۽ بربط وڄائي تعريف ڳائين.


خداوند حڪم ڏئي ٿو: ۽ خوشخبري ٻڌائڻ وارين جي جماعت هڪڙي وڏي فوج ٿي ويئي.


اڳيان ڳائڻ وارا هئا، ۽ پٺيان وڄائڻ وارا هئا؛ ۽ وچ ۾ ڪنواريون هيون جن دف پئي وڄايا.


۽ مريم نبيہ، جا هارون جي ڀيڻ هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دف کنيو؛ ۽ سڀ زالون دف کڻي نچنديون انهيءَ جي پٺيان هليون.


۽ مريم هن ريت هنن جي راڳ جو جواب ڏنو: اوهين خداوند جي تعريف ڳايو، ڇالاءِ جو هن وڏي فتح حاصل ڪئي آهي؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سميت سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.


جيڪا مقرر ڪيل لٺ خداوند هن کي هڻندو، تنهنجي هر هڪ ڌڪ سان دف ۽ بربط وڄندا: ۽ سخت لڙاين سان هو انهن سان وڙهندو.


پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گهر آيو، ۽ ڏسي تہ سندس ڌيءَ دف وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ ٿي اچي؛ ۽ اُها هن جي هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ۽ ڪوبہ ٻيو اولاد ڪونہ هوس، نڪو پٽ نڪا ڌيءَ.


۽ دائود کي جيڏانهن سائول موڪليندو هو اوڏانهن هو ويندو هو، ۽ ڏاڍي سياڻپ سان هلندو چلندو هو: ۽ سائول هن کي جنگي ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيو، ۽ اها ڳالهہ سڀني ماڻهن جي نظر ۾، ۽ سائول جي نوڪرن جي نظر ۾ سٺي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ