Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:5 - Sindhi Bible

5 ۽ دائود کي جيڏانهن سائول موڪليندو هو اوڏانهن هو ويندو هو، ۽ ڏاڍي سياڻپ سان هلندو چلندو هو: ۽ سائول هن کي جنگي ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيو، ۽ اها ڳالهہ سڀني ماڻهن جي نظر ۾، ۽ سائول جي نوڪرن جي نظر ۾ سٺي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 سائول جيڏانهن بہ دائود کي موڪليندو هو، اوڏانهن هو ويندو هو ۽ ڪامياب ٿي موٽي ايندو هو. انهيءَ ڪري سائول کيس فوج ۾ هڪ اعليٰ رتبو ڏنو. اها ڳالهہ سڀني ماڻهن ۽ سائول جي سالارن کي پسند آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي قيد خاني جو داروغو نظرداري ڪانہ ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو خداوند هن سان هو، ۽ سندس هر ڪنهن ڪم ۾ سرفراز ڪيائينس.


۽ دائود زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جو خدا ساڻس هو.


گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.


۽ خداوند يهوسفط سان هو، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ دائود جي رستي تي هليو ۽ بعليم جي طلب نہ ٿي رکيائين:


هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


آءٌ دانائيءَ سان سنئين واٽ وٺندس: تون مون وٽ ڪڏهن ايندين؟ آءٌ پنهنجي گهر ۾ ڪامل دل سان هلندس.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


۽ کيس سڀني مصيبتن کان ڇڏايائين، ۽ دانائي بخشيائينس، سو هو فرعون وٽ قبول پيو، جنهن هن کي مصر ۽ پنهنجي سڄي گهر تي حاڪم ڪيو.


تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي.


وقت کي غنيمت ڄاڻي جيڪي (ڪليسيا کان) ٻاهر آهن، تن سان ڏاهپ سان هلت ڪريو.


۽ خداوند يهوداہ سان هو؛ ۽ هن انهيءَ ڪوهستان جا رهاڪو هڪالي ڪڍيا؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ واديءَ جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍي سگهيو، جو هنن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون.


۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


۽ سائول جي سڀني ڏينهن ۾ فلستين سان سخت جنگ لڳي آئي: ۽ جڏهن سائول ڪو زور وارو ماڻهو يا بهادر شخص ڏسندو هو تہ انهي کي آڻي پاڻ وٽ رکندو هو.


پر سڀ اسرائيلي ۽ يهوداہ جا ماڻهو دائود کي پيار ڪندا هئا؛ ڇالاءِ جو هو سندن اڳيان پيو ايندو ويندو هو.


تڏهن فلستين جا امير نڪري ٻاهر آيا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪڏهن هو نڪري ايندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني نوڪرن کان وڌيڪ سياڻپ سان هلندو هو؛ جنهنڪري هن جو نالو معظم ٿي ويو.


۽ يونتن پنهنجو چوغو، جو بت تي هوس، سو لاهي دائود کي ڏنائين، ۽ پنهنجي پوشاڪ بہ، پنهنجي ترار، ۽ ڪمان، ۽ ڪمربند سميت.


۽ هيئن ٿيو تہ هنن جي اچڻ مهل جڏهن دائود فلستيءَ کي قتل ڪري موٽي آيو تڏهن اسرائيل جي سڀني شهرن مان زالون خوشيءَ مان ڳائينديون، ۽ نچنديون، دف ۽ ٻين وڄائڻ جي سازن سان بادشاهہ سائول جي استقبال لاءِ نڪري آيون.


۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ