Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:30 - Sindhi Bible

30 تڏهن فلستين جا امير نڪري ٻاهر آيا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪڏهن هو نڪري ايندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني نوڪرن کان وڌيڪ سياڻپ سان هلندو هو؛ جنهنڪري هن جو نالو معظم ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 پوءِ جڏهن بہ فلستين جا سردار نڪري اچي حملو ڪندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني سالارن کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندو هو. اهڙيءَ طرح سندس نالو تمام مشهور ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:30
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾ جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن دائود پنهنجن نوڪرن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي، يوآب سان گڏ ڏياري موڪليو، ۽ انهن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائون. پر دائود يروشلم ۾ ترسي پيو.


۽ جيڏي تون ويندو هئين اوڏي آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو وڏو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.


۽ وري هن ٽئين پنجاهن واري سردار کي پنجاهہ ماڻهن سان موڪليو. ۽ ٽيون پنجاهن وارو سردار مٿي چڙهيو ۽ اچي ايلياہ جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو، ۽ نيزاري ڪري هن کي چيائين، تہ اي خدا جا مرد، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ من منهنجي حياتي ۽ هنن تنهنجن پنجاهہ ٻانهن جي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي.


خداوند جي نظر ۾ سندس مقدسن جو موت تمام قيمتي آهي.


مون کي پنهنجن سڀني استادن کان وڌيڪ سمجهہ آهي؛ ڇو جو آءٌ تنهنجين شاهدين تي غور ٿو ڪريان.


ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو.


۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.


ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي.


تنهنڪري خبردار ٿيو تہ ڪيئن ٿا هلو، نہ نادانن وانگر پر دانائن وانگر هلو.


انهيءَ پهڻ وٽ اچو جنهن کي معمارن رد ڪري ڇڏيو، پر جو خدا کي پسند ۽ قيمتي آهي.


تنهنڪري اوهين جن ايمان آندو آهي، تن لاءِ اهو قيمتي آهي؛ پر جيڪي ايمان نٿا آڻين تن جي لاءِ ”جيڪو پهڻ اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ساڳيو ئي ڪنڊ جي سري جو پهڻ ٿي پيو.“


۽ سائول دائود کان اڃا بہ وڌيڪ ڊڄڻ لڳو؛ ۽ سائول هميشہ لاءِ دائود جو دشمن ٿيو.


۽ دائود کي جيڏانهن سائول موڪليندو هو اوڏانهن هو ويندو هو، ۽ ڏاڍي سياڻپ سان هلندو چلندو هو: ۽ سائول هن کي جنگي ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيو، ۽ اها ڳالهہ سڀني ماڻهن جي نظر ۾، ۽ سائول جي نوڪرن جي نظر ۾ سٺي هئي.


۽ وري جنگ لڳي: ۽ دائود نڪري وڃي فلستين سان وڙهيو، ۽ انهن ۾ وڏو ڪوس وڌائين؛ ۽ هو سندس اڳيان اُٿي ڀڳا.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.


ڏس، جيئن اڄ تنهنجي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تيئن ڀلي منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي، ۽ اُهو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ