Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:28 - Sindhi Bible

28 ۽ سائول ڏٺو ۽ پڪ ڄاتائين تہ خدا دائود سان آهي: ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل هن کي پيار ڪندي هئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 جڏهن سائول پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو تہ خداوند دائود سان آهي ۽ سندس ڌيءَ ميڪل بہ هن سان محبت ٿي ڪئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:28
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


تڏهن سائول دائود کي چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، شل تون برڪت وارو هجين: تون وڏا وڏا ڪم ڪندين، ۽ ضرور فتحياب ٿيندين. پوءِ دائود پنهنجو رستو ڏيئي هليو ويو، ۽ سائول موٽي پنهنجي جاءِ ڏي ويو.


۽ هاڻي ڏس، مون کي خبر آهي تہ ضرور تون بادشاهہ ٿيندين، ۽ اسرائيل جي حڪومت تنهنجي هٿ ۾ قائم ٿيندي.


۽ سندس مالڪ ڏٺو تہ خداوند يوسف سان آهي، ۽ جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن سڀ ۾ خداوند برڪت ٿو وجهي.


تڏهن لابن چيس تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهہ؛ ڇالاءِ جو مون کي آزمودي مان معلوم ٿيو آهي، تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.


۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل جي دائود سان محبت هئي: هنن انهي بابت سائول کي ٻڌايو، ۽ هن کي اها ڳالهہ وڻي.


تہ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اُٿيو، ۽ فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماريائين؛ ۽ دائود انهن جون کوليون کڻي آيو. ۽ هنن اُهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون، انهي لاءِ تہ هو بادشاهہ جو ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل هن کي پرڻائي ڏني.


۽ سائول دائود کان اڃا بہ وڌيڪ ڊڄڻ لڳو؛ ۽ سائول هميشہ لاءِ دائود جو دشمن ٿيو.


تنهن تي هنن چيو تہ اسان چٽيءَ طرح ڏٺو آهي، تہ خدا تو ساڻ آهي؛ سو اسان چيو تہ هاڻي اسين، يعني اسين ۽ تون، پاڻ ۾ قسم کڻون، ۽ اسين تو سان عهد ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ