Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:25 - Sindhi Bible

25 هاڻي سائول جو ارادو هو تہ دائود کي فلستين جي هٿان مارائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 سائول کين چيو تہ ”اوهين دائود کي وڃي چئو تہ ’بادشاهہ ڪوبہ ڪابين وٺڻ نہ ٿو گھري. هو رڳو پنهنجي دشمن فلستين کان بدلي وٺڻ طور هڪ سؤ مئل فلستين جون طهر واريون کلڙيون وٺندو.‘“ اهڙيءَ طرح سائول منصوبو ٺاهيو تہ جيئن دائود فلستين جي هٿان مارجي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب جو راخل تي پيار هو؛ تنهنڪري چيائين تہ تنهنجي ننڍي ڌيءَ جي لاءِ آءٌ ست ورهيہ تو وٽ پورهيو ڪندس.


ڪيترو بہ ڏاج سوغات اوهين گهرندا، سو آءٌ اوهان جي چوڻ موجب ڏيندس، پر اها ڇوڪري مون کي پرڻائي ڏيو.


۽ دائود سائول جي پٽ اشبوست ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ مون کي منهنجي زال ميڪل پهچائي ڏي، جو انهيءَ سان فلستين جون سؤ کوليون ڏئي مان مڱيو هوس.


۽ يشوع تکا ڪپ جوڙيا، ۽ کلڙين جي ٽڪريءَ تي هن بني اسرائيل کي طهرايو.


۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو.


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


۽ سائول دائود کي چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب توکي پرڻائي ڏيڻ ٿو گهران: رڳو تون منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر، ۽ خداوند جون جنگيون ڪر: ڇالاءِ جو سائول چيو تہ منهنجو هٿ هن تي نہ پوي، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان مري.


۽ انهن نوڪرن سائول کي چيو تہ دائود هيئن ٿو چوي. تڏهن سائول چيو تہ اوهين وري هيئن چئوس، تہ بادشاهہ ٻيو ڪو ڏاج وٺڻ نٿو گهري، رڳو فلستين جون هڪ سؤ کوليون وٺندو، انهي لاءِ تہ بادشاهہ پنهنجن دشمنن کان وير وٺي.


۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ