15 ۽ جڏهن سائول ڏٺو تہ هو ڏاڍي سياڻپ سان ٿو هلي، تڏهن هو کانئس ڊڄڻ لڳو.
15 سائول هن جي ڪاميابيون ڏسي ويتر کانئس ڊڄڻ لڳو.
جيڪو ماڻهو رحم ڪري اُڌارو ٿو ڏئي تنهن جو ڀلو ٿيندو؛ هو پنهنجو ڪم ڪار سچائيءَ سان ڪندو.
وقت کي غنيمت ڄاڻي جيڪي (ڪليسيا کان) ٻاهر آهن، تن سان ڏاهپ سان هلت ڪريو.
پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.
پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.
۽ سائول دائود کان ڊنو ٿي، ڇالاءِ جو خداوند دائود سان هو، ۽ سائول کي ڇڏي ڏنو هئائين.
۽ دائود هميشہ ڏاهپ سان هلت ڪندو هو؛ ۽ خداوند ساڻس هو.
پر سڀ اسرائيلي ۽ يهوداہ جا ماڻهو دائود کي پيار ڪندا هئا؛ ڇالاءِ جو هو سندن اڳيان پيو ايندو ويندو هو.